Shah Jahan Masjid Thatta

پاڪستان جي تاريخي عمارتن ۾ ٺٽي جي جامعه مسجد “شاهجهان” مغلن جي دور جي تعميرارتي شاهڪار سمجهي ويندي آهي. پر مغلن جي دور ۾ هڪ نه پر گهڻيون ئي عمارتون تعمير ٿيون جنهن ۾ دهلي ۽ لاهور جا شاهي قلعه، تاج محل دهلي جي جامع مسجد به شامل آهن. پر صوبه سنڌ جي سرزمين تي واقع جامع مسجد شاهجهان پنهنجي مثال پاڻ آهي. ڪراچيءَ کان تقريبن 62 ميل 98 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي شهر ٺٽه ۾ واقع هن مسجد جي تعمير 1644ع ۾ شروع ٿي ۽ مجموعي طور تي هي 3 سالن بعد يعني 1647ع ۾ ٺهي راس ٿي. مسجد جي ڪل ايراضي تقريبن ڇهه هزار ٽي سو يارڊ فوٽ آهي. ان دور جي حساب سان 9 لک شاهجهاني روپيه مسجد جي تعمير ۾ خرچ ٿيا جيڪي شاهي خزاني مان خرچ ٿيا.مسجد صرف هڪ منزل آهي مگر مضبوطي جي لاءِ ان جي بنياد 12 کان 15 فوٽ گهري آهي. بنياد ۾ پهاڙي ڀٿر استمال ٿيل آهي. مسجد ۾ 3 جگهن تان داخل ٿيڻ لاءِ 5 دروازا لڳل آهن جنهن ۾ هڪ وڏو دروازو ۽ ٻه ننڍا دروازا ان جي ڀرسان ۽ ٻه دروازا اتر ۽ اولهه طرف آهن. شاهجهان مسجد جي خوبصورتي ان جا اهي ننڍا ۽ وڏا گنبذ آهن. جنهن جي تعداد 100 آهي. مسجد جي اندران جيڪڏهن انهن گنبذن کي ڏٺو وڃي ته انهي هڪ سڌي لائين ۾ ترتيب وار تمام خوبصورت لڳندا آهن. ايئن لڳندو آهي ته هر در پهرين در کان ننڍو آهي پر حقيقت ۾ ايئن نه آهي صرف 6 گنبذ وڏا ۽ باقي سڀ ننڍا آهن.هر گنبذ جي هيٺيان ٿنبا لڳل آهن انهن ٿنڀن جي تعداد 94 آهي. چوڪنڊا گنبذ ڳاڙها ۽ اڇن پٿرن سان ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن جي اڇيون ۽ ڳاڙهيون لائنون ملي ڪري هڪ نئين ڊزائين ٺاهيندا آهن. گنبذن جي ترتيب ۽ هوا جي آمدرفت جو نظام ڪجهه اهڙي خوبي سان رکيو ويو آهي جو تلاوت ۽ خطبي جي آواز پوري مسجد ۾ ڪنهن مائڪ اسپيڪر کان بغير با آساني پهچي سگهي ٿي. مسجد ۾ هوا ۽ روشني جي لاءِ ڀتن ۾ وڏا وڏا ڄاريءَ وار روشن دان ٺاهيا ويا آهن جنهن مان روشني ۽ هوا با آساني گذرندي آهي. انهن روشن دانن جي ترتيب به هڪ خاص قسم جي رکي وئي آهي ان جي ڪري توهان مسجد جي ڪنهن به حصي ۾ هليا وڃو ڪٿي به توهان کي روشني ۽ هوا جي ڪمي جو احسان محسوس نه ٿيندو. ان جي ڪري مسجد جو ڪو به حصو تنگ محسوس نه ٿيندو. مسجد ۾ ويهه هزار ماڻهو هڪ وقت نماز پڙهي سگهن ٿا. مسجد جو خطيب ۽ پيش امام جو سلسلو به شاهجهان جي دور کان هڪ ئي خاندان مان هلندو رهي ٿو. ان جي شجري سان تعلق رکندر ماڻهو نسل در نسل ان مسجد جي خدمات سر انجام ڏيندا اچن ٿا. مسجد جي انتظام سنڀالڻ لاءِ باقائده هڪ ڪميٽي موجود آهي. ان کان علاوه اخراجات/ خرچن جي لاءِ چندي جو به سهارو ورتو ويندو آهي. ان مقصد جي لاءِ مسجد جي اندر ڪافي جڳهن تي چندي جو پيٽيون به لڳايون ويون آهن. وضو جي لاءِ مسجد جي هڪ پاسي وڏو ۽ ڪشادو حوض ٺهيل آهي. پر هاڻي هو اڪثر خالي رهندو آهي. ان جي ڀرسان وضو لا پڻ ڪافي سارا نل/ ٽوٽيون لڳل آهن. مسجد جي ٻاهريان تمام وڏو گيٽ لڳل آهي ۽ مسجد ۾ هڪ پارڪ به آهي ان ۾ کجيءَ جا وڻ به لڳل آهن. مسجد ۾ تمام خوبصورت قسم ۽ الڳ الڳ قسمن جي ٽائل لڳل آهي.

[huge_it_slider id=”1″]