جسقم چيئرمين شهيد بشير خان قريشي جي موت تي سنڌ ۾ ماتم مچي ويو. سنڌ جي هڪ ننڍي شهر ضلعي نوابشاهه جي تعلقعي سڪرنڊ جي ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ سڪرنڊ سٽي ۾ اچانڪ طبيعت خراب ٿي وئي ۽ هو خالقِ حقيقي سان وڃي مليو. پارٽيءَ جي طرفان 40 ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. قوم پرست پارٽيءَ جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جو چيئرمين جناب شهيد بشير خان قريشي دل جي دوري پوڻ سبب هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. شهيد بشير خان قريشي سفر ۾ هو ۽ سڪرنڊ شهر جي ويجهو طبيعت خراب محسوس ڪيائون ۽ سڪرنڊ شهر ۾ ڪجهه دير آرام ڪرڻ لاءِ رڪيو ۽ اتي هن جي طبيعت تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ ان کي فورن سڪرنڊ تعلقي اسپتال ۾ آندو ويو ۽ اسپتال آڻڻ کان پهرين خالق حقيقي سان وڃي مليو. بشير خان قريشي جي عمر 54 سال هئي بشير خان قريشي سنڌ جي قوم پرست شهرن ۾ وڏو نالو رکندو هو. بشير خان قريشي جي لاءِ هڪ نارو مشهور هو ته:

سچو ديشي پڪو ديشي

بشير قريشي، بشير قريشي

سنڌ قومي محاذ جي سينيئر وائيس چيئرمين نياز ڪالاڻيءَ ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ وڃي رهيو هو ته نيشل هائي وي تي سڪرنڊ جي ويجهو ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ پنهنجي تنظيم جي تعقلي صدر آصف مگسي جي گهر ۾ ماني کاڌي. ان کان پهرين بشير خان قريشي پنهنجي سفر جو وري آغاز ڪري ان کي کنگهه ٿي، ۽ ان جو بلڊ پريشر وڌي ويوڊاڪٽر کي گهرايو ويو جنهن جي هدايات تي ان کي سرڪاري اسپتال سڪرنڊ کڻايو ويو جتي ڊاڪٽرن ان جي موت جي تصديق ڪئي. جئي سنڌ قومي محاذ جي سيڪريٽري آصف بالادي ٻڌايو ته بشير خان قريشي جي مانيءَ ۾ زهر ملايو ويو هو. جنهن جي وجهه سان بشير خان قريشي جي موت ٿي. آصف بالاديءَ چيو ته بشير خان جي موت جي تحقيق ڪرائي ويندي.

[huge_it_slider id=”7″]

نياز ڪالاڻيءَ جو چوڻ هو ته بشير خان قريشي مڪمل صحتمند انسان هو ۽ ان کي ڪڏهن به ڪنهن شيءَ جي شڪايت نه هئي. بشير خان قريشي جو تعلق ضلعه لاڙڪاڻي جي علائقي رتو ديرو سان هو جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي اچانڪ موت جي وجهه سان 3 ڏينهن جي سوڳ جي وجهه سان قاسم آباد، ٽنڊو ڄام، حسين آباد، ٽنڊو آغا، ٽنڊو ولي محمد، نوابشاهه، سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ ٻين شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيو جڏهن ته ڪافي علائقن ۾ هوائي فائرنگ به ٿي ۽ هر جڳهه سوڳ جو سماع هو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين جناب بشير خان قريشي مختلف قوم پرست جماعتن سوڳ جو اعلان ڪيو تفصيل جي مطابق جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي جي اچانڪ موت تي ان جي پارٽي جي طرفان 40 ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ڇنڇر جي ڏينهن پارٽي جي سينٽرل ايڪزيڪيٽو ڪميٽي جي ٿيڻ واري اجلاس کي ملتوي ڪري هڪ هفتي جي سوڳ جو اعلان ڪيو. ادبي سنگت جي طرفان 3 ڏينهن جو سوڳ جو اعلان ڪيو ويو. بشير خان قريشي جي اچانڪ موت جي ڪري 3 ڏينهن هر شهر ۾ تڏو وڇايو ويو جتي بشير خان قريشي جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي وئي. بشير خان قريشي کي سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي طرفان سچي ۽ پڪي بهادر ليڊر جو خطاب ڏنو. جي ايم سيد جي وڏي پٽ امير حيدر شاھ جي ايم سيد جي پوٽري ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سربراهه جناب سيد جلال محمود شاھ ايس ٽي پي جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين جناب صفدر سرڪي  ۽ آريسر جي گروپ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر، عوامي تحريڪ جي اياز لطيف پليجو ۽ جسقم جي رهنمائن بشير خان قريشي جي اچانڪ موت تي اظاهرِ افسوس ڪندي چيو ته مرحوم سنڌ جي حقن ۽ خد مختاري جي لاءِ آخري وقت تائين جدوجهد ڪنداسين اهڙو بهادر ۽ سچو ليڊر صدين ۾ پيدا ٿيندو آهي.

بشير خان سنڌ جو سچو سپوت هيو. سنڌ هڪ سچي ۽ بهادر ليڊر کان محروم ٿي وئي. جنهن جو خال ڀرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي. ڪارڪنن جي مطابق بشير خان کي ننڊ ۾ تمام گهڻو سور ٿيو ۽ هو سور جي شدت ۾ تڙپڻ لڳو، جنهن جي وجهه سان ان کي اسپتال کڻي وڃڻو پيو، جتي ڊاڪٽرن ان جي مرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.