Shahid Afridi becomes the player who won most player of the match award

Pakistan T-20 cricket’s Captain Shahid Afridi has become the player who won most man of the match awards in T-20. According to the details, Shahid Afridi has won man of the match award 9 times in 82 matches of T-20 format and thus he became the player of wining most man of the match awards. West Indian batsman Chris Gayle is on the second in this list who won 8 times man of the match awards in 45 matches and made 1406 runs. While Pakistan’s all-rounder Mohammad Hafeez is ranked third in the list who won 8 times player of the match award in 64 matches and made 1382 runs. New Zealand Brendon McCullum and Indian Yuvraj Singh won seven time title and they are on 4th and 5th position respectively.

شاهد آفريدي ٽي ٽونٽي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ مين آف دي ميچ حاصل ڪرڻ وارو رانديگر بڻجي ويو 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ٽي ٽونٽي فارميٽ جو ڪپتان شاهد آفريدي سڀ کان وڌيڪ مين آف دي ميچ ايوارڊز حاصل ڪرڻ وارو رانديگر بڻجي ويو آهي. تفصيلن جي مطابق شاهد آفريدي ٽي ٽونٽي فارميٽ جي 82 ميچن ۾ 9 دفعا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي ۽ ان طرح هو سڀ کان وڌيڪ مين آف دي ميچ حاصل ڪرڻ وارو رانديگر بڻجي ويو. هن فهرست ۾ ٻئي نمبر تي ويسٽ انڊيز جو بيٽسمين ڪرس گيل شامل آهي جنهن 45 ميچن ۾ 1406 رنسون ٺاهي ڪري 8 دفعا مين آف دي ميچ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته پاڪستان جو آل رائونڊر محمد حفيظ هن فهرست ۾ ٽئين نمبر تي آهي. هو اڃا تائين 64 ميچن ۾ 1382 رنسون ٺاهي ڪري اٺ دفعا مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي. نيوزيلينڊ جي برينڊن ميڪلم ۽ ڀارت جي يوراج سنگھ ست ست دفعا مين آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪري چوٿين ۽ پنجين پوزيشن تي ترتيبوار آهن