Shahrukh and Salman together on Big Screens soon

MUMBAI: Bollywood’s King Khan and Dabbang Star will be seen together in an upcoming movie of Yash Raj. To work with Bollywood rulers, is a dream of every Director and Film viewers.

Shahrukh Khan and Salman Khan has worked together in past in ‘Karan Arjun’ and ‘Hum Tumhare Hain Sanam’. After that, both of them denied to work together due to their conflicts between each other. Shahrukh Khan and Salman Khan has eliminated there past clashes with each other and have started a new journey of friendship. Both of the actors seems to be very friendly these days and are admirable to each other. Now, both of the actors will be seen on the big screens together as well.

As per media reports, both the actors will be on big screens in an upcoming movie of Yash Raj Movies. Both the actors have gone through with the movie script and both have liked it to work on the movie.

Both Khans worked together in a Bollywood Movie, “Hum Tumhare Hain Sanam”, in 2002.


شاھ رخ خان ۽ سلمان خان بالي ووڊ جي پردي گڏ نظر اچڻ جي لاءِ تيار

ممبئي: بالي ووڊ جو ڪنگ خان ۽ دبنگ اسٽار يش راج فلمز پاران ٺھندڙ ھڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر ايندا. بالي ووڊ جي حڪمران خانن سان فلم ۾ گڏ ڪم ڪرڻ فلم جي ھدايتڪارن ۽ فلم ڏسندڙن جو ھميشه کان ئي خواب رھيو آھي. شاھ رخ خان ۽ سلمان خان ماضيءَ ۾ فلم ”ڪرن ارجن“ ۽ ”ھم تمھاري ھين صنم“ ۾ گڏ ڪم ڪيو آھي. جنھن کانپوءِ ٻنھي اداڪارن جا ھڪ ٻئي سان اختلافن جي سبب گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. شاھ رخ خان ۽ سلمان خان پاڻ ۾ ماضيءَ جون رنجشون ختم ڪري دوستيءَ جو ھڪ نئون سفر شروع ڪيو آھي جڏھن ته ٻئي اداڪار ھڪ ٻئي جي دوستيءَ جو دم ڀريندي به نظر اچن پيا ۽ ھاڻي ٻئي اداڪار ھڪ فلم ۾ گڏ ڪم ڪندي به جلوه گر ٿيندا. ميڊيا رپورٽس جي مطابق شاھ رخ خان ۽ سلمان خان يش راج فلمز پاران ٺھندڙ ھڪ فلم ۾ جوھر ڏيکاريندا. جڏھن ته ٻنھي اداڪارن فلم جي اسڪرپٽ کي پسند به ڪيو آھي. فلم جي ڪاسٽ جو اعلان ڪجھ ڏينھن کانپوءِ باقاعدگيءَ سان ڪيو ويندو. ياد رھي ته ڪنگ خان ۽ دبنگ خان 2002 ۾ رليز ٿيڻ واري فلم ”ھم تمھاري ھين صنم“ ۾ اداڪاريءَ جا جوھر ڏيکاريا ھئا.