Sindhi Folk Singer Ji Ji Zareena Baloch

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوءِ
تو سان گڏجڻ جون هسرتون رهنديون

سنڌي لوڪ فنڪاره جيجي زرينه بلوچ، سندس آواز جادو هو، سندس آواز اڄ به جهر جهنگ گونجي پئي، هوءَ جيڪا هڪ سياسي ڪارڪن، استاد، اداڪاره ۽ سنڌ جي عظيم لوڪ گلوڪاره هئي، جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن مان ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترن ئي خوبين جون مالڪ هجن.
جيجي زرينه بلوچ 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ ٿڌيءَ رات ۾ تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ محمد موسيٰ جي گهر اک کولي. جيجي زرينه پرائمري تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول مان حاصل ڪئي سندس اصل نالو آمنه هو. 1960ع ۾ سنڌيءَ ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪيو. 1963 ۾ سنڌ جي شاگردن خاص طور تي نياڻين ۾ علم جي روشني پکيڙڻ لاءِ استادي جو مقدس پيشو اختيار ڪيو. آمر ضياءِ جي دور ۾ ٻه سال قيد پڻ ڪاٽڻو پيو. جيجي اڃان ڇهن سالن جي ئي مس ٿي هئي ته سندس جيجل ماءُ گلروز بلوچ هڪ فانيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي، جيجي زرينه بلوچ صرف 15 سالن ۾ پنهنجي سئوٽ سان نڪاح ڪيو جنهن مان هن کي اختر بلوچ سسئي پليجو جي ماءُ زرينه بلوچ ۽ اسلم جو اولاد ٿيو. 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو نالو ڪري ورتو. جيجي زرينه بلوچ کي ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ مليا، جن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، سان ايوارڊ، پي ٽي وي ايوارڊ، سچل سرمست سگا ايوارڊ، وحيد ايوارڊ، رام پنجواڻي ايوارڊ، پرائس آف پرفارمنس صدارتي ايوارڊ شامل آهن. 1964ع ۾ هن رسول بخش پليجي سان شادي ڪري پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪئي. جنهن مان هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي. هن تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان ئي سڃاڻي ٿي. جيجي جي لکيل ڪتاب (تنهن جي ڳولا تنهن جون ڳالهيون) اڄ به مقبول ۽ مشهور آهي. جيجي زرينه برين ڪينسر جهڙي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 ٿي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڏئي مالڪ حقيقي سان وڃي ملي.