Six important organs of the body
جسم جا ڇَھَ عضوا پنھنجو علاج پاڻ ڪندا آھن، توھان کان صرف انھن کي ٿوري مدد ٿي گھرجي

Allah has made immune system in the human body it keeps working against disease but sometimes the system seems to damage the organ due to our eating habits and we take medications to keep them fit. Today, we will tell you about the six human body organs.

نيويارڪ: الله تعالي انسان جي جسم ۾ اھڙو ته مدافعتي نظام رکيو آھي جيڪو بيمارين جي خلاف ڪم ڪندو رھندو آھي پر اسان جي کاڌي پيتي جي ڪري ان نظام يا ڪڏھن ڪڏھن اسان جي عضون کي نقصان پھچڻ لڳندو آھي ۽ ان کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ اسان  دوائن جو سھارو وٺندا آھيون. اڄ اسان توھان کي جسم جي انھن ڇَھَ عضون جي بابت ٻڌائينداسين جنھن جي توھان ٿوري مدد ڪريو ته انھن جو علاج پاڻ ڪري سگھو ٿا.

1. Lungs

Lungs

Our lungs suffer enough from pollution and those who do smoke a lot their lungs are badly damaged but we can clean our lungs and there is a very easy way to clean it. Allah has given such power in lungs, they will automatically to recover if you feed them fresh air. Lungs will get enough relief by taking deep breath and use sweet potatoes, carrots and vitamins in the food.

ڦڦڙ

ٻاھر موجود آلودگيءَ جي سبب اسان جي ڦڦڙن کي  تمام گھڻو نقصان رسندو آھي ۽ جيڪي ماڻھو تمباڪو نوشي ڪندا آھن انھن جا ڦڦڙ ته تباھيءَ جو شڪار ھوندا ئي آھن پر اسان پنھنجي ڦڦڙن کي صاف ڪري سگھون ٿا جنھن جو تمام آسان طريقو آھي.قدرت ڦڦڙن ۾ اھا صلاحيت رکي آھي ته جيڪڏھن اسان انھن کي تازه ھوا جي خوراڪ ڏيڻ شروع ڪيون ته اھي خودبخود صحيح ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڊگھا ڊگھا ساھ کڻڻ سان ڦڦڙن کي سڪون ملندو آھي ۽ غذا ۾ پٽاٽا، گجر، انب ۽ وٽامن اي واري غذا استعمال ڪريو.

2. Bones

bones

 Our bones are weak with the time due to poor diet and they are also broken due to accidental incident after that we use plaster and medication. If you use Vitamin K food, the bones will be recovering soon. The use of Broccoli, Spinach and Tomato should be in food and meanwhile, you should continue the exercise.

ھڏيون 

وقت سان گڏو گڏ ۽ غير معياري خوراڪ جي سبب اسان جون ھڏيون ڏينھون ڏينھن ڪمزور ٿينديون وينديون آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن حادثاتي طور اھي ڀڃي به پونديون آھن جنھن کان پوءِ اسان کي پلستر ۽ دوائن جو استعمال ڪرڻو پوندو آھي پر توھان وٽامن ڪي واري غذا جو استعمال ڪريو ته ھڏيون جلديءَ سان ٺيڪ ٿي وينديون.بروڪلي، پالڪ، ايواڪاڊوا ۽ ٽماٽي جو استعمال ڪريو ۽ ان سان گڏ ٿوري ورزش به جاري رکو.

3. Stomach

stomach

Our stomach becomes weak due to eating habits and we start feeling heartburn, indigestion and our stomach start treatment itself if we take few precautions. You should use high fiber food like grain porridge, wheat and millet.

معدو

اسان جي کاڌي پيتي جي عادتن جي ڪري اسان جو معدو ڪمزور ٿي وڃي ٿو جنھن سبب جَلَن، بدھضميءَ ۽ گيس جھڙا مسئلا شروع ٿي ويندا آھن.پر ڪجھ احتيادن سان اسان جو معدو پنھنجو علاج پاڻ ڪرڻ لڳندو آھي. وڌيڪ ريشي واريون شيون جيئن جَوَ جو دليه، باجرو ۽ ڪڻڪ جو استمال ڪرڻ گھرجي.

4. Brain

brain

Our memory begins to wane with the time and the mind is week. Scientists say that if you follow a few simple things can be saved from the weakness of the brain. For this purpose, daily exercise to keep your mind calm.

 

دماغ 

وقت گذرندي ئي اسان جي ياداشت ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندي آھي ۽ دماغ ڪمزور ٿي ويندو آھي سانسدانن جو چوڻ آھي ٿه ڪجھ   ڳالھين تي عمل ڪرڻ سان دماغ جي ڪمزوريءَ کان بچي ٿو سگھجي ان مقصد جي لاءِ پنھنجي دماغ کي پر سڪون رکڻ جي لاءِ روزانو ورزش ڪريو.

5. Blood Vessels

Blood_vessels

Blood Vessels begin to narrow due to our food and increase in diseases with the time. If you are very careful in eating and drinking and eat balanced food then such problem can be avoided and our body itself well.

رَت جون رڳون

اسان جي کاڌن جي سبب اسان جي رت جون نسون سوڙھيون ٿينديون وينديون آھن ۽ وقت سان گڏو گڏ بيماريون وڌڻ لڳنديون آھن پر جيڪڏھن کائڻ پيئڻ ۾ احتياط ڪيو وڃي ۽ متوازن کاڌو استعمال ڪيو وڃي ته اھڙين تڪليفن کان بچي سگھجي ٿو ۽ اسان جو جسم پاڻ مرادو ئي ٺِيڪ ٿيڻ لڳندو.

6. Kidney

Kidney

Kidney always works for filtration in our body and the irregular substances are removed from the blood and it is extracted from the body through urine. Kidney works perfectly if you use more water then it always works properly.

بُڪي

اسان جي جسم ۾ بڪيون ڇاڻيءَ جو ڪم ڪنديون آھن ۽ خون جا فاسد مادا ڪڍي ڪري پيشاب جي رستي جسم مان ڪڍنديون آھن. انھن کي بھتر طريقي سان ڪم ڪرائڻ جي لاءِ جيڪڏھن وڌيڪ پاڻيءَ جو استعمال ڪيو وڃي ته ھي پنھنجو ڪم بخوبي سر انجام ڏينديون رھن.