Soomar Faqir Hingoro's Urs was celebrated near Shahdadpur

فقير سومر سائين هنڱورو رهه جو 61هون عرس مبارڪ هر سال وانگر هن سال به شهدادپور ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ مفتي عبدالرحيم سڪندري، فقير عبدالباسط هنڱورو سڪندري ۽ مولانا مشتاق احمد نقشبدي خطاب ڪيو ان خطاب ۾ فرمايو ته سني رسول الله صلي الله عليه وسلم ۽ خلفاءِ راشدين جي طريقي تي امن، حق چاريار برحق ڀلارا آهن. درود ۽ سلام وارا سدائين ڀائيچاري ۽ امن جو سبق سيکارين ٿا. اولياءالله جي صحبت ۾ رهو. سائين هيمشه حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪندا هئا.