South Africa won World Cup Match by 257

سڊني ۾ کيڏي ويل پول بي جو 19 ميچ ۾سائوٿ آفريڪا، ويسٽ انڊيز جي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر سائوٿ آفريڪا جي پهرين وڪيٽ ڊي ڪڪ 18 رنسن تي آئوٽ ٿيو ٻي وڪيٽ 145 رنسن تي 3 وڪيٽ 146 تي 4 وڪيٽ 280 تي 5 وڪيٽ 328 رنسن تي ڪري اي بي ڊويليئرز دونهادار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو هن ويسٽ انڊيز جي بالرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ صرف 66 بالن تي 8 ڇڪن 17 چوڪن جي مدد سان 162 رنسون ٺاهيون هاشم آمله 65 ڊيوپليسيز 62 سائوٿ آفريڪا ويسٽ انڊيز کي کٽڻ لاءِ 408 رنسن جو پهاڙ ڏنو جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم 33.1 اوورن ۾ 151 رنسن تي ڍير ٿي وئي سائوٿ آفريڪا پاران عمران طاهر شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 شڪار ڪيا ۽ اي بي ڊويليئرز کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.