South African-A team Hospitalized in India

South African Cricket team on tour of India, their 10 players out of 16 players of A-team had to be hospitalization due to food poisoning. Cricket South Africa said in a statement that South African wicket keeper Quinton de Kock is also included in ill players who joined squad yesterday. According to the espncrickinfo website, Quinton de Kock scored 100 in the match against India-A, however, he couldn’t wicket keeping and it was difficult for him to field. He fell ill in 32 overs and he also became a part of the players who were admitted in hospital. In addition to this, opener Reeza Hendricks, Zondo and fast bowler Mthokozisi Shezi were already declared unfit before the match but had to play due to lack of players and later had to be admitted in hospital during the match. In fact the situation was so bad that the South African team-A video analyst Hendrikus Coertzen and Mandeep Singh of India-A were seen in the fielding as substitute of the players.


ڏکڻ آفريڪا اي ٽيم جا 10 رانديگر اسپتال ۾ داخل

هنڌستان جي دوري تي موجود ڏکڻ آفريڪا اي اسڪواڊ جا 16 مان ڏھ رانديگرن کي فوڊ پوائزننگ جي سبب اسپتال ۾ داخلا ڪرائڻو پيو. ڪرڪيٽ ڏکڻ آفريڪا جي هڪ بيان ۾ ٻڌايو ويو ته بيمار ٿيڻ وارن رانديگرن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ به شامل آهي جيڪو ڪلھ ئي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيو هيو. ڪرڪيٽ جي نالي واري ويب سائيٽ اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي مطابق ڊي ڪوڪ انڊيا اي جي خلاف ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي ۽ فيلڊ ۾ هو وڪيٽ ڪيپنگ نه ڪري سگهيو جڏهن ته فيلڊنگ به ان جي لاءِ مشڪل ثابت ٿي. ان جي طبيعت 32 هين اوور ۾ خراب ٿي وئي ۽ هو به انهن رانديگرن جو حصو بڻجي ويو جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. ان کان علاوه اسڪواڊ ۾ شامل اوپنر ريزا هنڊرڪ، زونڊو ۽ فاسٽ بولر ٿوڪوزيسي شيزي کي ميچ کان پهريون ئي ان فٽ قرار ڏنو ويو هيو تنهن ڪري ميچ جي دوران رانديگرن جي ڪمي جي سبب انهن کي ميدان ۾ لاهڻو پيو ۽ بعد ۾ اسپتال ۾ داخل ڪرائڻو پيو. صورتحال ايتري خراب ٿي وئي ته ٽيم جي ويڊيو اينالسٽ انڊريڪس ڪورٽزن ۽ انڊيا اي جي منديپ سنگھ کي ڏکڻ آفريڪا ٽيم جي لاءِ متبادل رانديگر جي طور تي ميدان ۾ لاهڻو پيو.