Sri Lanka Defeated Pakistan by 7 wickets

Sri Lanka won the second test match against Pakistan, the series are level between both teams. Sri Lanka defeated Pakistan by 7 wickets in Colombo test. The Pakistani team was dismissed on 329 runs in the last inning. Sri Lankan team required 153 runs to win this match, Sri Lanka has excellent come back on the fifth day of the second test and Sri Lanka achieved the target for the loss of three wickets. Thirimanne finished 20 not out while Angelo Mathews remained unbeaten on 43 runs. Yasir Shah took 2 wickets while Zulifiqar Babar 1 wicket. The third and final match of the series will be played on 3rd July in Pallekele.


پاڪستان جي خلاف ڪولمبو ٽيسٽ سريلنڪا کٽي ورتو

پاڪستان جي خلاف ڪولمبو ٽيسٽ سريلنڪا کٽي ورتو ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ سيريز هڪ هڪ کان برابر ٿي وئي. ڪولمبو ٽيسٽ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 7 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو آهي. آخري اننگز ۾ پاڪستان جي ٽيم 329 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي جنهن تي سريلنڪن ٽيم کي صرف 153 رنسن جو هدف مليو، سريلنڪن ٽيم جو ٻئي ٽيسٽ جي پنجين ڏينهن شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ سريلنڪا گهربل هدف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو. ٿرمني 20 رنسون جڏهن ته اينجلو ميٿيوز 43 رنسون ٺاهي ڪري ناٽ آئوٽ رهيو. پاڪستان جي طرفان ياسر شاھ ٻه جڏهن ته ذوالفقار بابر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. سيريز جو ٽيون ٽيسٽ ميچ 3 جولائي تي پاليڪيلي ۾ کيڏيو ويندو.