خيرپور  جي مختلف علائقن جهڙوڪ رپڙي، بهارو، کرل آباد، ماجهند، ڪنڊڙي، عمر پنهور ڳاڙهي موري، فيض واهه، ٻٻڙلوءِ ۽ ٻين علائقن ۾ سوين ايڪڙن ۾ پوکيل اسٽرابيري جو فروٽ ٿيار ٿي ويو آهي جنهن کي روز مزدور سکر، ڪراچي، ڪوئيٽا، ۽ ٻين مارڪيٽن ۾ ڊاٽسنن ۽ سوزڪين ذريعي پهچائين ٿا. هن فصل تي تمام گهڻي محنت ۽ خرچ لڳي ٿو ان تي هارين ٻڌايو ته هڪ ايڪڙ تي ڏيڍ کان ٻه لک رپيا لڳن ٿا. اسٽرابيري جو ٻچ سوات مان ايندو آهي ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ پوکجي ٿو ۽ 4 مهينن ۾ تيار ٿئي ٿو هارين جو چوڻ آهي ته اسٽرابيري جي فصل کي پاڻي اسپري ۽ ڀاڻ ٽائيم تي ڏيڻ ضروري آهي. ۽ هنن وڌيڪ چيو ته  جيڪڏهن زراعت کاتو مدد ڪري ته هي فصل وڏي پئماني تي پوکجي سگهي ٿو