Over 15000 Cusics of Water demanded by IRSA to maintain Indus River flow

وارا بندي بعد شاخون کلڻ سان گڏ سکر توڙي گڊو بئراجن تي پاڻيءَ جي سطح مستحڪم ڪرڻ لاءِ اضافي پاڻي گرجهي. آبپاشي کاتي 10 ڏينهن لاءِ 45 بدران 60 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ تاريخي انڊينٽ به موڪليا ارسا پاران 5000 ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻي جاري، اڄ وڌيڪ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ٿي ويندو. واڌو پاڻي بعد ۾ ايڊجسٽ ڪبو. ارسا

سنڌ آبپاشي کاتي گڊو ۽ سکر بئراجن تي پاڻي سطح برقرار ڪرڻ لاءِ ارسا کان 10 ڏينهن لاءِ اوڌر تي 15 هزار ڪيوسڪ وڌيڪ پاڻيءَ جي گُهر ڪئي آهي. اٿارٽي پاران تربيلا جي ڇوڙ ۾ 15 هزار ڪيوسڪ جي واڌ، ارسا ورتل اضافي پاڻي بعد ۾ سنڌ جي حصي مان ايڊجسٽ ڪرڻ جي شرط تي اضافي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.