Tabu sings song in Missing film

Actress Tabu got fame in Bollywood and she will once again sing the song in her upcoming film “Missing”. According to the Indian express, Tabu is currently engaged in her upcoming film Missing. She has sung a song and played a leading role in this film. Tabu said that she has not received any formal training in singing but sung a song on the instructions of film’s music director MM Karim. Manoj Bajpai will play a character with Tabu in Missing film. Tabu had also sung a song in Bollywood film Haider released last year and that song was appreciated by the fans.

تبو فلم مسنگ ۾ گانو ڳائيندي 

اداڪارا تبو بولي ووڊ ۾ ڪافي شهرت حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي هو اچڻ واري فلم مسنگ ۾ هڪ دفعو ٻيهر گانو ڳائيندي. اندين ايڪسپريس جي مطابق تبو هن وقت پنهنجي اچڻ واري فلم مسنگ ۾ مصروف آهي ۽ هن فلم ۾ هن مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏو گڏ هڪ گانو به ڳايو آهي. تبو جو چوڻ آهي ته هن گلوڪاري ۾ باقائدا تربيت حاصل نه ڪئي آهي پر فلم جي ميوزڪ ڊائريڪٽر ايم ايم ڪريم جي هدايت تي عمل ڪندي گانو ڳايو آهي. فلم مسنگ ۾ تبو جي مقابلي ۾ اداڪار منوج باجپائي پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو. ياد رهي ته گذريل سال ريليز ٿيڻ واري فلم حيدر ۾ به تبو هڪ گانو ڳايو هيو جنهن کي ان جي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو هيو