The government allowed the Shanghai Electric China to make electricity in Thar

According to the details, the government has allowed the Shanghai Electric China to make electricity in Thar. The agreement has been signed between Shanghai Electric China and Private Power Infrastructure in the event held at Islamabad. Under this project, 1320 megawatt electricity will be produced with coal in Thar. Minister of water and power Khawaja Asif said in the event that this project is part of the China economic corridor project. He said that if we talk about power shortfall, the overall shortfall is currently across the country up to 6 thousand megawatt. While the demand of the power is 20600 megawatt but we produce 14600 megawatt.

حڪومت شنگهائي اليڪٽرڪ چائينا کي ٿر ۾ بجلي ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

حڪومت سنگهائي اليڪٽرڪ چائينا کي ٿر ۾ بجلي ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. شنگهائي اليڪٽرڪ ۽ پرائيويٽ پاور انفرااسٽرڪچر بورڊ جي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي. تفصيلن جي مطابق حڪومت شنگهائي اليڪٽرڪ چائينا کي ٿر ۾ بجلي ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اسلام آباد ۾ ٿيڻ واري تقريب ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ چائينا ۽ پرائيويٽ پاور انفرااسٽرڪچر بورڊ جي وڄ ۾ معاهدو طئي ٿي ويو آهي. منصوبي جي تحت ٿر ۾ ڪوئلي مان 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي. تقريب ۾ موجود وزير پاني ۽ بجلي خواجه آصف جو چوڻ آهي ته منصوبو پاڪ چين اقتصادي راهداري جي منصوبي جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته بجلي جي شارٽ فال جي ڳالھ ڪئي وڃي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 6 هزار ميگا واٽ تائين آهي. بجلي جي طلب 20600 ميگا واٽ جڏهن ته پيداوار 14600 ميگا واٽ آهي