هي01 انهن درنده صفت نوجوانن جي تصوير آهي جن دهليءَ ۾ هڪ نينگريءَ سان زوري زنا ڪئي ۽ اڄ اها نينگري فوت ٿي وئي …

اڄ سموري هندستان، ڇا پر سموري دنيا جا ماڻهون ڏک ۾ آهن ته اهڙا واقعا ڇو ٿا ٿين …

ها اهڙن ئي واقعن کي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف مذهبن ۽ مختلف سماجن ۾ ڪئي سزائون رکيل آهن پر قرآن شريف ۾ الله تعالا ان کي سنگين ڏوهه قرار ڏيندي اهڙن ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو حڪم ڪيو آهي ته جيئن انسان جي اندر پلجندڙ شيطان اهڙي ڏوهه ڪرڻ کان پاسيرو رهي …. ڇاڪاڻ نه اهڙا ڏوهه ٿيندا ۽ نه سماج کي ڏک ۽ اذيت ملندي …

قرآن شريف ۾ الله تعالا ارشاد فرمايو؛

وَلَا تَقْرَبُوا الزِّنَا ۖ إِنَّهُ كَانَ فَاحِشَةً وَسَاءَ سَبِيلًا
( سورة الإسراء , Al-Isra, Chapter #17, Verse #32

۽ بدڪاريءَ (زنا) جي ويجهو به نه وڃجو، بيشڪ اها بي حيائي، فحاشي ۽ نهايت ئي وڏي بڇڙائي آهي.

اهڙيءَ طرح قرآن شريف ۽ الله جي رسول زاني مرد يا عورت کي تمام خراب نظر سان ڏٺو آهي ۽ معاشري ۾ اهڙي ذليل حرڪت ڪرڻ وارن لاءِ سخت سزا رکي آهي …

ڪجهه ڪم عقل ۽ پاڻ کي نام نهاد ترقي پسند سڏائيندڙ اهڙين ڳالهين جا انڪاري ٿين ٿا پر جڏهن انهن جي پنهنجي ڀيڻ، ماءُ يا ڌيءَ سان ڪا اهڙي حرڪت ٿئي ٿي ته پوءِ کين سمجهه ۾ اچي ٿو، مذهبن ماڻهون ناهن منجهايا بلڪ سماجن کي ٺاهيو آهي ۽ انهن ۾ اهڙا اصول واضح ڪيا آهن ته جيئن …. ڪو شيطان ۽ درنده صفت ڪنهن شريف نينگر کي پنهنجي حوس جو نشانو نه ٺاهي سگهي …

رب العالمين اسانجي عزتن جو نگهبان رهي …. ڍڪج ڍولڻهار آءُ اگهاڙي آهيان … آمين