نوري آباد ڀرسان گئس سيلنڊر ڦاٽڻ سبب وين کي باهه لڳي وئي جنهن ۾ 12 مسافر سڙي فوت، 4 عورتن سميت 10 کان وڌيڪ زخمي، ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ مسافرن وين نوري آباد ويجهو سپر هائي وي تي جوکيا موڙ وٽ ٽائر ڦاٽڻ سبب ڪلٽي ٿي کڏي ۾ ڪري پئي جنهن سبب گئس سيلنڊر ڦاٽي پيو ۽ وين کي باهه وٺي وئي، جنهن سبب مسافر سڙي فوت ٿي پيا ۽ ڪجهه زخمي ٿي پيا زخمين کي ڪراچيءَ جي بقائي اسپتال نيو ويو ۽ سڙي فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ نه ٿي. وين جي آخري اسٽاپ لطيف آباد هو. زخمين ۾ حيدرآباد واسي عائشه، 8 سالن جي سيما، اقبال قريشي، مدثر، ابوبڪر، مسمات حميدان، محمد امين، طلحه ۽ مسمات امبرين شامل هئا. اکين ڏٺن شاهدن مطابق جيئن وين ڪلٽي ٿي ته ڊرائيور فوت ٿي ويو.