Warmest years since 1880, meteorologists warn

Ghana, New Guinea, Venezuela, and Laos have been set up national record of high temperatures during the last 5 months. When the average temperature was recorded more than 0.68 degrees Celsius from January to April in all over the world that is cause for concern. While the extremely hottest days have been recorded in many places of the world in the last 12 months. According to the American expert, records of Global warming can be broken this year and drought could increase in Africa and India. However, it may be more severe winter in Europe and Britain.

According to foreign Web site, Meteorologists say that 8 countries of the world have recorded the hottest days till 18 May 2015 and record cold was noted in Israel. According to experts, the highest average temperatures since 1880 was seen in these areas in which includes Australia, Spain, USA, Finland, and Argentina, including the Arctic and Antarctica. Besides that more than 700 people have died so far in India due to heat.


 

1880 کانپوءِ ھلندڙ سال گرم ترين ثابت ٿي سگھي ٿو،ماھرين موسميات

لنڊن: ماھرين موسميات جي مطابق ھلندڙ سال 1880 کان پوءِ اوسطاۡ گرم ترين ثابت ٿي سگھي ٿو. گھانا، نيوجينيا، وينيزويلا ۽ لائوس ۾ گذريل پنج مھينن دوران بلند درجي حرارت ۾ قومي رڪارڊ قائم ڪري چڪا آھن. جنوري کان اپريل تائين پوري دنيا اوسطاۡ درجي حرارت 0.68 سينٽي گريڊ کان وڌيڪ نوٽ ڪيو ويو، جيڪو تشويش جو باعث آھي، جڏھن ته گذريل ٻارھن مھيننِ ۾ دنيا جي ڪيترن ئي جڳھين تي گرم ترين ڏينھن رڪارڊ ڪيا ويا آھن. آمريڪي ماھرين جي مطابق ھن سال گلوبل وارمنگ جا رڪارڊ ٽُٽِي سگھن ٿا. آفريڪا ۽ انڊيا جي علائقن ۾ خشڪ سالي وڌي سگھي ٿي. يورپ ۽ برطانيه ۾ موسم  سرما وڌيڪ ٿي سگھي ٿو. غير ملڪي ويب سائيٽ جي مطابق ماھرين موسميات جو چوڻ آھي ته هو 8 مَئي 2015  تائين دنيا جي اَٺَنِ ملڪن ۾ تاريخ جو گرم ترين ڏينھن نوٽ ڪري چڪا آھن ۽ اسرائيل ۾ سردي نوٽ ڪئي وئي.

ماھرين جي مطابق 1880 کان پوءِ ھِنَ وقت تائين اوسطاۡ بلند ترين درجي حرارت آسٽريليا، اسپين، آمريڪا، فنلينڊ، آرڪٽڪ، انٽارڪٽيڪا ۽ ارجنٽينا ۾  ڏٺو ويو آھي. جڏھن ته ڀارت ۾ گرمي جي شدت جي ڪري 700 کان وڌيڪ ماڻھو مَرِي چڪا آھن.