Wasim Akram under an attack of unknown gunmen

KARACHI: While Wasim Akram was passing through Karsaz Road, Karachi, suddenly an unknown gunmen opened fire on his vehicle.
As per details, initially Wasim Akram’s vehicle was hit, due to which Wasim Akram came out of his vehicle. Sooner Wasim Akram came out of his vehicle, gunemen within another vehicle behind his vehicle opene fire on him. Wasim Akram remained safe from the attack.

وسيم اڪرم جي گاڏيءَ تي فائرنگ

ڪراچي:پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جي سابق ڪپان وسيم اڪرم جي گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي وئي پر ھو محفوظ رھيا. اطلاعات جي مطابق وسييم اڪرم نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ ھلندڙ  فاسٽ بالرن جي ڪيمپ کي تربيت ڏيڻ جي لاءِ وڃي رھيا ھئا ته انھن جي گاڏي ٻئي گاڏيءَ سان ٽڪرائجي وئي جنھن کان پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو جنھن تي ٻئي ماڻھوءَ مبينه طور تي انھن تي فائرنگ ڪئي پر ھو محفوظ رھيا. پوليس جي مطابق ھي ڪنھن ڌاڙي يا ٽارگٽ ڪلنگ جو واقعو نه ھو. وسيم اڪرم ان گاڏيءَ جو نمبر نوٽ ڪري پوليس کي ڏئي ڇڏيو آھي. پوليس جي مطابق ٻئي گاڏي  ھنڊا سوڪ جو نمبر AEG061 ماڊل 2002 آھي جيڪا عزيز نالي ماڻھوءَ جي  نالي تي رجسٽرڊ آھي. پوليس وسيم اڪرم جو بيان وٺي وڌيڪ معاملي جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڇڏي آھي.