سنڌ جي وحدت لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، اڄوڪو جلسو دشمنن جي منهن تي چماٽ آهي قومي قيادت

حيدرآباد (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي قومپرستن نئين بلدياتي نظام ۽ ڪالاباغ ڊيم جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته نئون بلدياتي نظام ۽ ڪالا باغ ڊيم سنڌ جي وحدت تي وار آهن، ڪالاباغ ڊيم، ذوالفقار آباد ۽ نئين بلدياتي نظام خلاف جنگ جاري رهندي، سنڌ جي وحدت جي لاءِ جيڪڏهن زندگي جي قرباني ڏيڻي پئي ته رت جي آخري ڦڙي تائين ويڙهه جي ميدان ۾ ثابت قدم رهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه مسلم ليگ فنڪشنل پاران حيدرآباد ۾ نئين مڪاني نظام خلاف ڪوٺايل عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو ته هي جلسو سنڌ دشمنن جي منهن تي چماٽ آهي، جن حيدرآباد ۾ سرڪاري خرچ تي جعلي جلسو ڪري چيو هو ته ڏسو سڄي سنڌ اسان سان گڏ آهي، پر اسين چئون ٿا ته اڄ لکين ماڻهو هتي گڏ ٿيا آهن، سڄي سنڌ اسان سان گڏ آهي. هن چيو ته هي عظيم قومي ٻڌي جو پيغام آهي. هن چيو ته سنڌ ڪو ڪارڊ ناهي، سنڌ هڪ حقيقت آهي، اسان جون محروميون حقيقت آهن.هن چيو ته سنڌ هڪ حقيقي وجود رکندڙ زمين آهي، جيڪا پاڪستان جو حصو آهي، سنڌ برابري، عزت ۽ وقار سان جيئڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سنڌي هڪ قوم آهي، اسان جا قومي حق آهن، حڪمراني تي به حق آهن. هن چيو ته سنڌ سان محبت اسان کي ورثي ۾ ملي آهي، سنڌ جي جياپي لاءِ ڪردار ادا ضرور ڪندس، سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته پنهنجي ڪاوڙ کي دل ۾ سنڀالي رکو، اليڪشن اچن ته ان ڪاوڙ کي ووٽ جي طاقت ۾ تبديل ڪن. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته هي جلسو ڪيترن ئي ماڻهن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي. هن چيو ته هي جلسو جدوجهد جي آغاز جو پهريون قدم آهي، سفر ڊگهو آهي، سفر ۾ جيترو ثابت قدمي سان هلنداسين ڪاميابي جي ويجهو ٿي منزل تي رسنداسين. هن چيو ته هي جلسو ٻٽي نظام خلاف آهي، ان لاءِ هي واضح اعلان ٿي ويو آهي ته سنڌ جي ماڻهن ۳ آڪٽوبر تي جڏهن اسيمبلي ۾ چورن وانگر بل پيش ڪيو، ان ڏينهن ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻهن احتجاج ڪري فيصلو ڏنو هو ته هي نظام قبول ناهي. هن چيو ته هي جلسو عوامي نوعيت جو ريفرينڊم ثابت ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ هن وقت نازڪ دور مان گذري رهي آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ جي ماڻهن 40 سال روح ۾ سانڍيو، سنڌ جي ماڻهن جوان پٽ ۽ نياڻيون قربان ڪيون، 40 سالن تائين قربانيون ڏيندي آمر جي دور ۾ پ پ کي نه رڳو رت ڏنو، پر ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچايو هو، اڄ اها پ پ سنڌ سان تاريخي ويساهه گهاتي ڪري ويٺي آهي، پ پ جو سربراهه صدارتي محل ۾ ويٺو آهي، پر ان جو نالو اڄ سنڌ لاءِ نفرت جو اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. هن حر جماعت کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ اها ماءُ آهي، وطن آهي، جنهن لاءِ توهان جي روحاني پير سورهيه بادشاهه جان جو نظرانو ڏئي اهو اعلان ڪيو ته پير پاڳاري جي زندگي کان سنڌ اهم آهي، اڄ ان سنڌ خلاف زرداري ٽولو ۽ ايم ڪيو ايم وارا گڏجي تاريخي ويساهه گهاتي ڪري رهيا آهن. هن چيوته عوام کي رت جو نظرانو ڏئي وطن کي بچائڻو پوندو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته 5 سالن جي حڪومت ۾ پ پ وارن عوام کي بک ۽ ڏک کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، 2010ع ۾ سنڌ جي 2 ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي سنڌ جي نياڻين کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ وارا ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪن ٿا، پر هو قومي اسيمبلي ۾ اڪثريت هوندي به ڪالاباغ ڊيم خلاف قرارداد ڇو نٿا آڻين، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جو اجلاس گهرائي ان کي رد ڇو نٿا ڪيو. هن چيو ته پير پاڳارو چئي چڪو آهي ته ڪالاباغ ڊيم پ پ وارن جو ٻچو آهي. هن چيو ته هاڻ اسان کي نئين سنڌ جوڙڻ لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي، اها صرف نعرن سان نه جڙندي، پر عزم سان نئين سنڌ جڙي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪمرانن تائين اهو نياپو پهچائجي ته جي سنڌ ورهائيندي پادر کائيندي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو ته اڄ جي غدار حڪمرانن غداري ڪري سنڌ ڌرتي ماءُ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي، پر ڌرتي جا حلالي پٽ هڪ ٿي ڌرتي کي بچائڻ جو وچن ڪن. هن چيو ته سنڌ مٿان ڌارين کي قابض ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سنڌين کي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن ڌرتي تان دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول، بشير خان قريشي قرباني ڏني ۽ اڄ به سنڌ جو ٻچو ٻچو قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو نظام هلڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏينداسين. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سکن جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته ان وقت جي پاڳاري حملو ڪندڙ سکن خلاف نعرو هنيو ته هي ڌرتي سنڌ جي ماڻهن جي آهي، حملي آورن ۽ قبضي وارن جي ناهي، ان کان پوءِ سورهيه بادشاهه انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي جان جي قرباني ڏني. هن چيو ته اڄ جي پاڳاري اقتدار ڇڏي سنڌ جي حقن جو نعرو هنيو آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ٿيو آهي ته سنڌ جا وارث ويٺا آهن. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جو شوشو زرداري جو آهي، ان جي حڪومت ۾ گريٽر ٿل ڪينال ٺهي ٿو، هندو نياڻيون اغوا ٿين ٿيون، ان بربادي ۽ تباهي جي ذميواري زرداري مٿان آهي. هن چيو ته سنڌ جا وارث پير پاڳاري جي سربراهي ۾ گڏ آهن. جلسي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي سربراهه ابرار قاضي، سنڌ نيشنل موومينٽ جي چيئرمين علي حسن چانڊيو ۽ مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ ڪيترائي قومپرست اڳواڻ پڻ موجود هئا.