Withholding tax rate 0.1 percent decided to implement

The withholding tax rate 0.1 percent has been finalized on the bank transaction, the Finance Minister will officially announce on 1st August. Senior politicians consist of think tank warned government that the anti-government movement has emerged in business community due to implementation of tax and opposition can take advantage of this. While it has been disclosed that 0.3 percent tax imposed on bank transactions can affect to decrease 10 percent on bank transactions. It can damage the country’s economy and banking sector can be weaken.


بينڪ ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي شرح 0.1 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو

بينڪن سان لين دين تي ودهولڊنگ ٽيڪس جي شرح 0.1 ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جو باقائده اعلان وفاقي خزاني جو وزير پهرين آگسٽ جو ڪندو. سينيئر سياستدانن تي مشتمل ٿنڪ ٽينڪ حڪومت کي خبردار ڪيو ته ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان تاجر برادري ۾ حڪومت مخالف تحريڪ جنم ورتو آهي جنهن جو فائدو اپوزيشن کڻي سگهي ٿي. جڏهن ته بينڪن سان لين دين تي 0.3 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ سان بينڪن سان لين دين ۾ 10 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿيڻ جو انڪشاف به ٿيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچڻ ۽ بينڪنگ سيڪٽر ڪمزور ٿيڻ جو امڪان آهي.