World Health Day to be observed Tomorrow

Whole world will be observing World Health Day Tomorrow.

ISLAMABAD: World Health Day will be observed all over the world including Pakistan on Tuesday i.e. tomorrow. The reason to celebrate Health Day is to identify the importance of Health and to educate people about Health.

In this connection, Pakistan Ministry of Health, Pakistan Medical Association, Different Organizations and NGOs conduct special Walks, Seminars, Conferences and different events. They conduct such activities in order to educate people with different Healthcare Tips to spend a healthy life. Experts enlighten the life threats and they provide the basic precautions that are needed for better life. News agencies publish different kinds of articles regarding health.

First Health Day in the world was celebrated in 1950. In 1948 an International Organization of Health WHO (World Health Organization) approved to celebrate Health Day every year on April 7. After approval, whole world celebrates this day.


صحت جو عالمي ڏينهن ورلڊ هيلٿ ڊي سڀاڻي پوري جوش ۽ خروش سان ملهايو ويندو

اسلام اباد: پاڪستان سان گڏ سڄي دنيا ۾ صحت جو عالمي ڏينهن ورلڊ هيلٿ ڊي سڀاڻي اڱاري ڏينهن پوري جوش ۽ خروش سان ملهايو ويندو. هن ڏينهن جي ملهائڻ جو مقصد سڄي دنيا جي ماڻهن کي صحت جي اهميت باري ۾ آگاھ ڪرڻو آهي. ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ وزارت صحت، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسي ايشن، ٻيون طبي تنظيمون ۽ اين جي اوز جي اهتمام سان خصوصي واڪس، سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن ۾ صحت مند زندگي گذارڻ جا سنهري اصول جي باري ۾ آگاهي ڏني ويندي ۽ ماهرين  صحت جي حوالي سان ايندڙ خطرن ۽ ٻين مسئلن تي روشني وجهندا  جڏهن ته اخبارون خصوصي مضمون شايع ڪنديون. سڄي دنيا ۾ صحت جو ڏينهن سڀ کان پهريون 1950 ۾ ملهايو ويو. 1948 ۾ عالمي ادارو صحت ڊبليو ايڇ او هر سال 7 اپريل تي صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي منظوري ڏني جنهن کانپوءِ سڄي دنيا ۾ 7 اپريل جو صحت جو ڏينهن ورلڊ هيلٿ ڊي ملهايو ويندو آهي