World's Cities with highest Home Rents

Do you know the cities of the world where people pay highest rent for their homes to live?

LONDON: Living is a critical problem through the world. If we talk that someone is living on rent than it is not less than retribution. In the list of highest home rentals, Hong Kong is considered to be on top of the list. People pay average $250.00 per year per square foot of their homes. If one wants to purchase a room of 12 x 12 than one has to pay average of PKR 36 lacs per year or PKR 3 lacs per month.

Other cities with the population paying highest rent. The statistics are on average basis and the calculation of 12 x 12 room size.

Country Name Rent Per Sq. ft Per Year Rent of Room Per Month
Hong Kong $250.00 $3000.00
New York $150.00 $1800.00
Tokyo $124.00 $1500.00
London $75.00 – $108.00 $1300.00
San Francesco $97.00 $1170.00
Singapore $25.00 – $94.00 $1130.00
Los Angeles $25.00 – $94.00 $1120.00
Mumbai $50.00 – $51.00 $612.00
Dubai $43.00 – $50.00 $600.00

 Note: These calculations are statistical and are considered to be personal analysis.


دنيا جا اهي شهر جتي رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ توهان کي سڀ کان وڌيڪ ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو

لنڊن: سڄي دنيا ۾ انسانن جي لاءِ رهائش هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ ان سان گڏ ادا ڪيل ڪرايو هڪ عذاب کان گهٽ نه آهي. هن لسٽ ۾ سڀ کان مٿي هانگ ڪانگ شهر آهي جٿان جو ڪرايوفي سال جي حساب سان 250 ڊالر في مربع فٽ آهي. جيڪڏهن توهان کي 12بائي 12 جو ڪمرو وٺڻو پوي ته هڪ سال لاءِ توهان کي ڇٽيھ لک يا ٽي لک روپيا مهينو ڪرايو ادا ڪرڻو پوندو. هن کانپوءِ آمريڪي شهر نيويارڪ جو نمبر ايندو آهي جٿان جو ڪرايو 150 ڊالر في مربع فٽ آهي يعني ته ڪمري جي مهيني جو ڪرايو هڪ لک اسي هزار روپيا هوندو، ٽوڪيو ۾ ڪرايو 124 ڊالر في مربع فٽ آهي ۽ 12 بائي 12 جي ڪمري جو مهينو ڪرايو ڏيڍ لک روپيا آهي، لنڊن ۾ ڪرايو 108-75 ڊالر في مربع فٽ آهي ۽ 12 بائي 12 جي ڪمري جو مهينو ڪرايو هڪ لک ٽيھ هزار روپيا آهي، سان فرانسيسڪو ۾ ڪرايو 97 ڊالر في مربع فٽ آهي ۽ ڪمري جي لاءِ هڪ مهيني ۾ ڪرائيدار کي هڪ لک ستره هزار روپيا ڏيڻا پوندا آهن، سنگاپور ۾ ڪرايو 94-25 ڊالر، لاس اينجلس ۾ 37 ڊالر، شنگهائي ۾ 75-68 ڊالر، شڪاگو ۾ 65 ڊالر، فرينڪفرٽ ۾ 94-25 ڊالر ۽ ممبئي ۾ 51-50 ڊالر آهي. ٻارهين نمبر تي دبئي آهي جٿان جو ڪرايو50-43 ڊالر آهي يعني 12 بائي 12 ڪمري جو ڪرايو صرف  52 هزار روپيا آهي.