Allan Faqir - A Noble Folk Singer
Allan Faqir

ٽڙي پوندا ٽارائين جڏهن ڳاڙها گُل الو ميان تڏهن ملنداسين

سنڌ ڌرتيءَ جي پيٽ مان هميشه وڏين هستين جنم ورتو آهي. جن پنهنجي سنڌ ماءُ جو نالو هميشه روشن ڪيو آهي. انهن هستين مان هڪ سنڌ جو لوڪ فنڪار ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جو عاشق امر ڪلاڪار علڻ فقير به آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي جهومايو ۽ نچايو. سنڌ جي ثقافتي اجرڪ جو پٽڪو ٻَڌندڙ ۽ هٿ ۾ دنبورو کڻي راڳ ڳائيندڙ هن هستي سخت گرمي جي ڏينهن ۾ سن 1932ع ۾ ڄامشوري جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمريءَ ۾ اک کولي. علڻ فقير جو اصل نالو ٽونئر فقير جيڪو سندس ڏاڏي جو نالو هو ۽ پيار مان علي بخش به چوندا هئا. سندس والد جو نالو ڌمالي فقير هو. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار خاندان سان هو. سندس والد ۽ ڏاڏو مڱڻهار هئا. علڻ فقير جا وڏا پنهنجي ڳوٺ، پاڙي اوڙي ۽ برادرين جي شادين ۽ ڀَتَن ۾ دهل وڄائيندا هئا جنهن مان هنن جو گذر سفر ٿيندو هو.
علڻ فقير پنهنجي وڏن جي ريت رواج کي جاري رکيو پر هن شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه تي وڃڻ ۽ اتي شاهه صاحب جو راڳ ٻڌڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. هن پنهنجي زندگيءَ جا تقريبن 20 سال ڀٽائي گهوٽ جي مزار تي حاضري ڀريندي ۽ ڳائيندي گذاريا، علڻ فقير جڏهن لولي ڳائيندو هو، ته سڀني جو ڌيان علڻ فقير ڏانهن هوندو هو. قدرت واري هن آواز ۾ اهڙي ته ڏات رکي هئي، جو ٻڌڻ وارا حيران رهجي ويندا هئا. علڻ فقير ان (الا) جي آلاپ کي اهڙو ته ڳايو جو ٻڌڻ وارا دنگ رهجي ويا.

[huge_it_slider id=”14″]

شروعاتي دور ۾ ريل گاڏين، بسن، هوٽلن ۽ محفلن ۾ مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائڻ، مزاحيا ڪچهريون ڪرڻ، ماڻهن کي کلائڻ وارو ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ فقيراڻو ويس ڪري، مٿي تي اجرڪ جو طرو ٻڌي هٿ ۾ ڪشتو کڻي، پنهنجي مرشد لطيف سائينءَ سان تنبوري جي تارن ذريعي نينهن جو ناتو جوڙيائين. علڻ فقير شاهه صاحب جي سرن کي ڳائي تمام گهڻي مشهوري ماڻي. ان کانسواء هن سچل سرمست ۽ سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن جي شاعري پڻ سريلي، صوفياڻي ۽ فقيراڻي انداز ۾ ڳايو. جڏهن جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير شيخ اياز جي وائي “ٽڙي پوندا ٽارائين جڏهن ڳاڙها گُل الو ميان” ڳائيندا هئا ته ماڻهن کي پاڻ سان گڏ جهومائيندا هئا، علڻ فقير جي محمد علي شهڪيء سان گڏ ”هما هما ڪر ڀيا“ ۾ جوڙيء کي تمام گهڻي مڃتا ملي. علڻ فقير، ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، مينهون ڙي ميهار تنهنجو ٻيلي ۾، عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري، ڇيريان ڪهڙي ڇم ڇم لائي، ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا، ڪانگل عجيبن کي، مون ۾ تون موجود، پاڻ تو پيدا ڪيو جهڙا انمول ڪلام ڳايا آهن. علڻ شاهه صاحب جي پيغام کي گهر گهر پهچايو. ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا“ جو آلاپ موهي ٿو وجهي، يا وري ”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“ وائيءَ ۾ اميد آهي، حوصلو آهي. ”مينهون ڙي ميهار تنهنجون ٻيلي ۾“ …. جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت آهي. علڻ فقير جڏهن اجرڪ جو طرو ٻڌي ڳائيندو هو، ته سنڌ جي ثقافت جهومي پوندي هئي. هو سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي فنڪشنن جي سونهن هوندو هو. علڻ فقير سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هو. هو هڪ وڏو فنڪار ته هو، پر هو ننڍڙو ملازم هو، ان ڪري علڻ جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به پروگرام ڪرائيندي رهندي آهي. علڻ فقير ممتاز مرزا جي ڪوششن سان ريڊيو تي آيو، 1971ع ۾ ٽي وي تان سندس آواز گونجڻ لڳو. ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڳائڻ کانپوءِ شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. ڀٽي صاحب 1978ع ۾ کيس سنڌالاجي ۾ نوڪري ڏياري. علڻ فقير ڪشتو ۽ گهنگهروئن وارو ڏنڊو هميشه ساڻ رکندو هو. هو وڏن مڻين وارو ڪنٺو به پائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن چتين واري ٽوپي به پائيندو هو ۽ اجرڪ جو طرو ته خاص ڪري محفلن ۾ ضرور پائيندو هو، جنهن کي ڪلف ٿيل هوندو هو. جڏهن يڪتارو کڻي وجداني ڪيفيت ۾ هو ”الو ميان“ چوندو هو ته ماڻهن ۾ وجداني رنگ اچي ويندو هو. علڻ فقير سنڌ جي ثقافت جو سفير هو، علڻ فقير جي گائڪيءَ ۾ صوفي ازم جو گھڻو اثر هو، علڻ فقير ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج کان سواءِ سنڌي فلم ”طوفان“ جا ڪلام به ڳايا، علڻ فقير سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ ڳايو. هن سنڌ جي صوفي شاعرن، ۽ مرشد ڀٽائيءَ جو پيغام آمريڪا، ترڪي، انگلينڊ، جرمني، جاپان، سنگا پور، منيلا، بيلجيم، اٽلي ۽ روس تائين ڳائي پهچايو. سندس فن جي مڃتا عيوض کيس 1980ع ۾ صدارتي ايوارڊ براء حُسن ڪارڪردگي، 1987ع ۾ شهباز ايوارڊ ۽ 1992ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. سنڌ جو هي ناميارو فنڪار تاريخ 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي ئي گھر هائوسنگ سوسائٽي ڄامشوري ۾ مدفون آهي. مرحوم علڻ فقير پاڻ ته هاڻي اسان سان گڏ ناهي رهيو پر سندس آواز صدين تائين گونجندو رهندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here