Dayaram Gidumal: An unforgettable Personality

ديارام گدومل: سنڌ جو ناقابل فراموش ڪردار

ديوان ديارام گدومل جو شمار سنڌ جي ان هستين ۾ شمار ٿيندو آهي جنهن پنهنجي زندگي جي خدمت ۽ اصولن کي عملي نمونو پيش ڪيو. برطانيا جي راج جي دور ۾ پنهنجي ابتدائي تعليم فارسي ۾ حاصل ڪئي ان وقت تائين سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾  تعليم جو ڪو رواج نه هيو. ان جي پيدائش 1857 ۾ ٿي،  1867 ۾ ان انگريزي اسڪول ۾ داخلا ورتي. جنهن وقت ديارام ڪراچي ۾ رهائش ڪئي، ان جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته سنڌين کي اعلي  تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪاليج ٺاهيو وڃي. ان جي لاءِ هن پنهنجي ڀاءُ ميٺا رام جيڪو هڪ وڪيل هيو ۽ هڪ ٻئي وڪيل ديوان رام جيٽمل کي تيار ڪيو. جنهن کانپوءِ ڪراچي جي هڪ مشهور ڪاليج جو سنگ بنياد رکيو ويو

انهيءَ طرح سان هن پنهنجي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ به نيشنل ڪاليج جي بنياد رکي. فارسي کان علاوه هن کي گور مکي ۽ عربي تي به عبور حاصل هيو. پيشي جي حوالي سان هو سيشن جج هيو پر ان جي فيصلن ۾ تعصب جي ذري برابر به جهلڪ نه هئي. پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب اهي ڏينهن اهي شينهن جي صفحي نمبر 714 ۾ لکي ٿو ته: 1889 ۾ ديارام جو احمدآباد کان شڪارپور ۾ بدلي ٿي ته  شڪارپور جو هڪ هندو سيٺ ميولداس شيطان جي چوڻ ۾ اچي هڪ عورت سان زبردستي ڪري ويٺو. انگريزن جي حڪومت هئي مڇين کان پڪڙي گرفتار ڪيو ويو. مقدمي جي سماعت دريارام جي عدالت ۾ ٿي.  شڪارپور جي هنڌن کي يقين هيو ته هنڌو برادري کي بدنامي کان بچائڻ لاءِ انهن جو هنڌو ڀاءُ ضرور رعايت سان ڪم وٺندو. پر دريارام ملزم کي ست سال قيد جي سزا ٻڌائي ۽  شڪارپور جي هنڌو شور ڪندا رهيا. سنڌ م درويش يا قديم دور کان وٺي جديد دور تائين هر دور ۾ موجود رهيا آهن.  اهڙن درويشن جي هدايت تي بي شمار ماڻهن نه صرف پاڻ کي پر پنهنجي زالن کي به جاني نقصان پهچايو. اهڙي هي هڪ نالي واري درويش جو مقدمو جڏهن ديوان صاحب جي عدالت ۾ پيش ٿيو ته انهن ان ڳاله کي ڪا به اهميت نه ڏني ته ان جي فيصلي جي نتيجي ۾ ان کي هنڌو ٿيڻ جو جواز بڻائي ان جي خلاف محاذ ڪري سگهجي ٿو. راشدي هن مقدمي کي بيان ڪيو آهي: هڪ بدڪار هڪ شخص کي جان سان ماري ڇڏيو ۽ دليل اها ڏني ته مونکي وحي نازل ٿي آهي ته هن شخص کي قتل ڪر ان لاءِ مان خدائي فرمان جي پيروي ڪئي. هن واقعي جي نتيجي ۾ تمام گهڻو اشتعال کي ڦيلايو ويو. پر دريارام تي ان جو ڪو به اثر نه ٿيو. هن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته اگر درويش کي رعايت ڏني وئي ته هو وحي جي آڙ ۾ ماڻهن کي ماريندو رهندو. سنڌ ۾ تمام گهڻا درويش آهن جيڪي هڪ ماڻهو کي به زنده نه ڇڏيندا. ڏوهاري کي عمر قيد جي سزا ڏني. پوءِ ڪنهن به درويش تي وحي نازل نه ٿي. مسلمانن ۽ هنڌن ۾ مسجد مندر ۽ هن جي ملڪيتن تي جهڳڙن جي ڪا نئي ڳاله نه آهي ۽ جڏهن اهڙا مقدما عدالتن ۾ پيش ٿيندا هيا ته بنا ڪنهن فيصلي جو شڪار ٿي ويندا هيا. ججن جي زندگي عذاب ۾   پئجي ويندي هئي. جيڪڏهن جج هنڌو هجي ته مسلمان جي حق ۾ فيصلو ڪيئن ڏنو وڃي؟ پر دريارام اهڙن مصلحتن کان      بالاتر هيو. احمدآباد ۾ هڪ مسجد جي پلاٽن تي ملڪيت جي حوالي  سان مسلمانن ۽ هنڌن ۾ 9 سالن کان مقدما جاري هيا. فساد جي خوف کان ڪوئي به جج منصفاڻو فيصلو ڪرڻ کان ڊڄندا هيا. علي محمد راشدي جي مطابق جڏهن معاملو دريارام جي عدالت ۾ پيش ٿيو ته  هن فيصلو بغير ڪنهن پرواه جي فيصلو مسجد جي حق ۾ ڏنو. دريارام 1911 ۾ سرڪاري نوڪري کان ريٽائر ٿيو. ريٽائرمينٽ کانپوءِ هوميوپيٿڪ جي علاج جو طريقو سکيو ۽ غريب ۽ مسڪين ماڻهن  جو علاج ڪرڻ لڳو. بمبئي م هن امير ماڻهن جي ٻارن کي غريبن جي خدمت ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ هڪ آشرم قائم ڪيو. آشرم ۾ امير هنڌن جون ڇوڪريون  ۽ ڇوڪرا روزانو ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ جي لاءِ ايندا هيا جٿي ليڪچرز جي ذريعي اهو درس ڏنو ويندو هيو ته انهن کي غريبن جي خدمت ڪرڻ گهرجي. هي آشرم گهڻن سالن تائين جاري رهيو. آشرم جي سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين دريارام کي پتاجي چئي ڪري مخاطب ٿيندا هيا. هڪ ڏينهن اوچتو دريارام گدومل آشرم بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان کانپوءِ هن آشرم جي هڪ نوجوان ڇوڪري سان شادي ڪئي. آشرم ۽ نوجوان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ تي ان جي خلاف هڪ طوفان اٿيو. اخبارن ۾ ان جي خلاف مضمون لکيا ويا، ان کي پٿر هيا ويا، پر هن ان جي ذرو برابر به پرواه نه ڪئي. ان جي باري ۾ ديوان سنگھ مفتون پنهنجي ڪتاب ناقابل فراموش جي صفحي نمبر280،281،289 هن ريت لکيو آهي: ديوان صاحب بمبئي کان ڪجھ ميل جي فاصلي تي باندره ويو. جٿي  انهن هڪ اهڙو گهر ڪرائي تي ورتو جيڪو سمنڊ جي ڪناري کان ڪجھ قدم جي فاصلي تي هيو. گهر ڪرائي تي وٺڻ کانپوءِ بمبئي واپس آيو. آشرم جي شاگرد ۽ شاگردياڻين کي سڏ ڪيائين ۽ انهن کي چيو ته اڄ کانپوءِ هي آشرم بند ڪيو وڃي ٿو. هن اعلان کانپوءِ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا. ديوان صاحب آشرم کي تالو لڳايو ۽ ڇوڪري کي وٺي سکن جي گودواري ويو ۽ گرنٿي سان درخواست ڪئي ته ان جي هن ڇوڪري سان شادي ڪرائي وڃي. گرنٿيءَ هن ستره، ارڙه سالن جي نوجوان ڇوڪري ۽ ستر سالن جي پوڙهي جي شادي گروگرنٿ صاحب جي سامهون ڪرائي. ديوان صاحب پنهنجي نوجوان زال کي وٺي باندره جي ان  ڪرائي جي گهر ۾ باقي جي زندگي بصر ڪئي.ديوان ديارام آل انڊيا شهرت جو مالڪ هيو ۽ انڊين سوشل ڪائونسل جو گهڻن سالن کان صدر هيو. اخبارن ۾ مضمون شايع ٿيا جن جا عنوان هيا پيءُ جي ڌيءُ سان شادي، نفس پرستي جي انتها، سوشل ڪانفرنس جي صدر جي ڪريل حرڪت، ديوان ديارام گدومل جو ذلت ڀريل فعل وغيره. ديوان ديارام گدومل جي مخالفت صرف اخبارن تائين هي محدود نه هئي. ان سال انهن کي پنهنجي خانداني جائيداد جي رجسٽري ڪرائڻ لاءِ حيدرآباد وڃڻو پيو ته جڏهن بازار مان انهن جو گذر ٿيو، ماڻهن هن تي سرون ڦٽي ڪيون ۽ اهيو چئي ڪري ماءُ ڀيڻ جون گاريون ڏنيون ته هن جي حرڪت حيدرآباد کي دنيا ۾ رسوا ۽ ذليل ڪيو آهي.

مسٽر ويرومل راج ايڊيٽر سندهي سکر جڏهن ان شادي جي اطلاع ٻڌي ته ان کي ڏاڍو صدمو پهتو ڇو جو ديوان صاحب ويرومل سان گڏ ويھ کان پنجويھ سالن تائين سنڌ جي اندر سماجي ڪمن ۾ مصروف رهيو. انهن جي شادي جي خبر ٻڌندي ئي ديوان ديارام کي باندره خط لکيو جنهن جا لفظ هي هيا: مان اخبارن ۾ پڙهي رهيو آهيان ۽ ماڻهن کان ٻڌي رهيو آهيان ته  توهان ايتري وڏي سماجي ليڊر ۽ سماجي ڪانفرنس جا صدر هوندي هن پوڙهائپ ۾ ستره سالن جي ڇوڪري سان شادي ڪئي. مونکي هن خبر تي يقين نه ٿو اچي ته اوهان ايترو وڏو پاپ ڪري سگهو ٿا.  ديوان رام هن وڏي خط جو جواب هڪ پوسٽ ڪارڊ تي ڏنو جنهن جا لفظ هي هيا: مان پنهنجو فرض ادا ڪيو ۽ اوهان پنهنجو فرض ادا ڪيو. هن جواب کانپوءِ ديوان رام جي قديمي دوست ۽ ديرينه ساٿي مسٽر ويرومل راج جيڪو هنڌو مها سڀا جو صدر به هيو جنهن پنهنجي اخبار ۾ ديوان رام جي خلاف ڪيترائي سخت مظمون لکيا. ديوان رام جي زال کي هڪ ڌيءُ پيدا ٿي. ديوان صاحب شادي کانپوءِ دنيا کان الڳ رهيو. زال ۽ ٻار سان گڏ سمنڊ جي ڪناري ڪرائي جي گهر ۾ زندگي گذاري رهيو هيو ۽ ان طرح ڏھ سال گذري ويا. دنيا کي ڪا خبر نه هئي ته ڇا ٿيو. شادي جي ڏھ سال کانپوءِ ديوان صاحب جي زال  ٽي بي ۾ مبتلا ٿي وئي. ڪجھ مهينن تائين هن مرض ۾ مبتلا رهي ۽ جڏهن زندگي جي ڪا اميد نه رهي ته هن جا والدين پنهنجي ڌيءُ جي عيادت جي لاءِ بمبئي کان آيا اهي ماڻهو ڪجھ ڏينهن تائين باندره ۾ رهيا. هڪ ڏينهن ديوان صاحب جي زال پنهنجي ماءُ کي اڪيلائي ۾ چيو: امان مان هاڻي ڪجھ ڏينهن جي مهمان آهيان پر هڪ راز مان توهان سان ظاهر ڪرڻ چاهيان ٿي نه ته هي راز منهنجي دل ۾ رهجي ويندو ۽ مان دنيا کان رخصت ٿي ويندس. اهو راز مان توهان کي ٻڌايان ٿي ۽ اهو راز هي آهي ته ديوان صاحب مون سان شادي منهنجي عزت کي بچائڻ جي لاءِ ڪئي. مونکي هڪ ڇوڪري جو ناجائز جمل هيو. هن ڇوڪري حمل کانپوءِ شادي ڪرڻ ته ڇا پر ڳالهائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. ڪوئي ٻيو مونکي پناه ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هيو. منهنجي عزت کي بچائڻ لاءِ ديوان صاحب پنهنجي آل انڊيا شهرت ۽ عزت کي منهنجي لاءِ قربان ڪري ڇڏيو ۽ مون سان رضامندي طور شادي ڪئي. دراصل حقيقت اها آهي ته منهنجا ۽ ان جا تعلقات اڄ تائين به پيءُ ۽ ڌيءُ جهڙا آهن. دنيا مونکي ان جي زال سمجهندو آهي پر مان ان جي ڌيءُ ئي آهيان جيئن شادي کان پهريان هيس. هن راز جي اظهار کانپوءِ ديوان صاحب جي زال انتقال ڪري وئي. ماءُ هي راز پنهنجي مڙس کي ٻڌايو هن پنهنجي خاص دوستن کي ٻڌايو اتان اهو راز مسٽر ويرومل راج تائين پهتو ۽ مسٽر ويرومل راج کان ايڊيٽر رياست  کي هي راز معلوم ٿيو جنهن کانپوءِ بمبئي جي گهڻن ماڻهن تصديق ڪئي.

اها هئي ديوان صاحب جي ڪهاڻي جنهن هڪ معصوم ڇوڪري جي عزت بچائڻ جي لاءِ پنهنجي عزت کي نه صرف داءُ تي لڳايو پر عمر جي آخري حصي ۾ روحاني، ذهني ۽ جسماني تڪليفون به برداشت ڪيون. پنهنجو مذهب به تبديل  ڪيو، ۽ پنهنجي سماجي زندگي کي پنهنجي هٿن سان ختم ڪيو. جيڪڏهن اها ڇوڪري پنهنجي ماءُ سان حقيقت بيان نه ڪري ها ته ماڻهو ڪڏهن به ديوان صاحب جي عظمت کان واقف نه هجن ها ۽ مرڻ کانپوءِ به هن تي لعن طعن جاري رهي ها.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here