حضرت عبدالوهاب سچل سرمست 1739 ـــ 1829ع

0
173
Hazrat Abdul Wahab Sachal Sarmast 1739 - 1829 AD

حضرت سچل سرمست جنھن توحيد ۽ معرفت، عشق ۽ عرفان الاھي جا درياھ وھائي، اسانجي سنڌ کي روحانيت جي حقيقي نور سان منور ڪيو،درازي درويشن جي سلسلي جو جڳ مشهور شاعر حضرت عبدالوهاب سچل سرمست پنهنجي سرمستي ۽ بيباڪيءَ سان اظهار ِخيال واري وصف سبب سنڌي شعر جي تاريخ ۾ شاهه صاحب کان پوءِ لازمي طور ڳڻيو وڃي ٿو.تنھن جو جنم ١١٥٢ ھجري مطابق1739عيسوي رياست خيرپور جي حد اندر راڻي پور جي شھر جي اتر طرف ھڪ ميل جي مفاصلي تي کبڙن ۽ ڪرڙن جي بستي درازا شريف ۾ ٿيو. سندس ڇٺئ جو نالو عبدالوھاب رکيو ويو پر سندس ننڍپڻ ۾ رست گوئي ڪري سچو (بيباڪ ۽ سچار) ۽ سچيڏنو (سچي مالڪ جي سوغات) سان سڏيو ويندو ھو، جنھن نالي سان اڄ تائين مشھور آھي. قرآن شريف جي ڪنٺ ڪرڻ ڪري کيس حافظ عبدالوھاب جي نالي سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو. سچل سرمست نه رڳو قرآن شريف جو حافظ ھو، پر ھو قرآن شريف جي معني مان به واقف ھو. ان ڳالهه جو پتو ھن شعر مان پوي ٿو

من ھمه تفسير قرآن خوانده ايم
مغز قــرآن را ازآن بــر خوانده ايم

(مون قرآن جا سڀئي تفسير پڙھيا آھن ۽ ان جو تات پرج پروڙيو اٿم) سچل سائين ستن زبانن جو شاعر ھو، جھڙوڪ سنڌي، عربي، سرائڪي، ھنڌي، پنجابي، اردو ۽ فارسي، جن ۾ ڪافي ڪلام چيا اٿس.
سچل سرمست جو چھرو نوراني، صاف ۽ سفيد رنگ جو ھو، خط ۽ خال دلڪش، اکيون آھو مثل مشعل جيان ٻرندڙ، وار ڊگھا، جن مٿي جي وچ تي چوٽو ڪري ٻڌي ڇڏيندو ھو. ھي صداقت ۽ سچ جو پيڪر عرفان الاھي جي موج ماڻي تاريخ ١٤ رمضان ١٢٤٢ ھجري 1718 عيسوي جي ابدي وصال ماڻيو. ھن سرتاج العشراء ۽ بزگ ھستئ جو عرس مبارڪ ھر سال ماه رمضان جي تاريخ ١٤ ،١٣ ،١٢، تي سندس ابدي آرامگاه ڳوٺ درازا شريف ۾ نھايت عقيدت سان ملھايو وڃي ٿو .

[huge_it_slider id=”6″]

روايت آهي ته شاهه صاحب سنڌ جي سير دوران جڏهن درازن ۾ آيو ۽ سچل سرمست جي ڏاڏي خواجه محمد حافظ عرف فقير صاحب ڏنه مرحوم سان رهاڻ پئي ڪيائين ته سچل سرمست به اچي سندن اڳيان بيٺو. شاهه صاحب کيس پرکي پيش گوئي ڪئي ته ” اسان جيڪا عشق جي ديڳ چاڙهي آهي، ان جو ڍڪ هي ٻار لاهيندو.‘‘ راويت جي لحاظ کان ان پيشن گوئي جي صحت ثابت ٿئي يا نه، مگر جنهن وقت اسان شاهه صاحب ۽ سچل سرمست جي ڪلام جو تقابلي مطالعو ڪيون ٿا ته اسان کي اها روايتي پيش گوئي سو فيصد صحيح ثابت ٿئي ٿي. فڪر جي لحاظ کان شاهه صاحب ۽ سچل سرمست جي ڪلام کي هڪ ئي وقت اڳيان رکي پڙهي ڏسنداسون ته سندن ڪلام ۾ هڪ ئي جوت جھلڪندي نظر ايندي. مثال طور نظريه توحيد جي اظهار وقت ’پاڻ پنهون‘ هجڻ جو هوڪو هجي يا پنهنجي منزل ِ مراد ماڻڻ لاءِ ’سکن جي سڌ‘ ڇڏي ’گوندرن جو گس‘ اختيار ڪرڻ جو اصرار. سارنگ جا ساٺ ڏسي سرتين کي ساري اکين مان آب آڻڻ جو احوال هجي يا ڀنڀور کي باهه ڏيئي ڪيچن جي قافلي پٺيان ڪاهي ڏاگھن ۽ ڏيرن جي ڏکن پسڻ جو ذڪر. مارئي واري پکن ۽ پنهوارن جي پريت جي پچار هجي يا مينڌري جو مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ ڪاهڻ جو قصو. نوريءَ جي نياز ۽ ڪينجھر ڪناري وارن مهاڻن سان سمي سلطان جي اهنج جو تفصيل هجي يا چارڻ جو چنگ چوري سر جو سوال ڪرڻ جو تذڪرو. حق ۽ صداقت سان سر بلنديءَ لاءِ سوريءَ کي سينگارڻ جو سبق هجي يا پنهنجن سان پيار جو پيغام. هر هنڌ سچل سرمست جي ڪلام ۾ شاهه صاحب واري فڪر جي کٿوري خوشبوءِ پئي اچي. لغوي لحاظ کان به سچل جو ڪلام شاهه صاحب جي ڪلام سان هم آهنگ آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان جي معمار جي حيثيت ۾ جيڪي دلڪش بندش وارا اصطلاح جوڙيا، سچل سرمست سر بستي نموني استعمال ڪري تن کي سنڌي ادب ۾ ’محاوره‘ ۽ ’روز مره‘ جو درجو بخشي ڇڏيو. شاهه صاحب جو رسالو ’بيت‘ ۽ ’وائي‘ تي مشتمل آهي. پر سچل سرمست پنهنجي فڪر جي اظهار لاءِ صرف بيت ۽ وائي تائين محدود نه آهي، بلڪه هن درازي درويش نيون نيون هيئتون منتخب ڪري سنڌي شعري ادب کي هيئتن واري باب ۾ مالامال ڪري ڇڏيو. بيت، وائي، ڪافي، غزل، مرثيو، سي حرفي، جھولڻو ۽ گھڙولي، هي سڀ صنفون سندس سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام جو جز آهن. فارسيءَ ۾ سچل غزل، مستزاد، رباعي ۽ مثنوي جي اصناف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪافيءَ جي صنف ۾ نون تجربن ڪرڻ ۾ ته سچل سرمست ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪافين جون ’ويهه واٽون‘ ڏسڻ سبب سچل سرمست سنڌي ادب ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو.
هن مختصر تجزيه جي بنياد تي بلا خوف ترديد چئي سگھجي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام سنڌي ادب جي احياءَ جو سڏ آهي ته ميان عبدالوهاب سچل سرمست جو ڪلام انهي سڏ جو پڙاڏو آهي. ساڳي حقيقت کي اسان علم رياضيءَ جي اصطلاح ۾ هيئن به چئي سگھون ٿا ته شاهه صاحب جو ڪلام نقطن مثل آهي ۽ سچل سرمست جو ڪلام انهن نقطن تان نڪتل شعاعنRays جي مترادف آهي. ٻنهي عظيم شاعرن جي شعر جي تجزيه بعد اسان انهيءَ نتيجي تي پهتا آهيون ته شاهه صاحب سنڌ جي ماڻهن کي قوت ِ فڪر عطا ڪئي ته سچل سرمست وري سنڌ واسين کي اظهار جو انداز سيکاريو. شاهه صاحب سنڌين ۾ سوچ جو مادو وڌايو ته سچل سرمست وري انهيءَ سوچيل فڪر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ زبان بخشي. انهيءَ سبب شاهه صاحب کي سمجھڻ کان اڳ سچل کي سمجھڻ لازمي آهي. شاهه جي فڪر کان آگاهه ٿيڻ لاءِ سچل جو مطالعو پهريون شرط آهي، ڇو جو سچل سرمست جو ڪلام فڪر ِ لطيف جي شرح آهي. شاهه صاحب جو مستند ڪلام گربخشاڻي جي مرتب ڪيل رسالي جي صورت ۾ اڄ دستياب آهي. مگر افسوس جو سچل سرمست تي نه ايترو لکيو ويو آهي ۽ نه وري سندس ڪو مستند ۽ مڪمل رسالو ئي اڃا تائين سنڌ واسين کي نصيب ٿيو آهي. انهيءَ ڪمي کي محسوس ڪندي سال (1980ع) درازن ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب سچل لاءِ به ڪنهن گربخشاڻي ملڻ جي دعا گھري. گھڻا سال اڳ ساڳي سڌ جو اظهار مولوي محمد صادق راڻيپوري مرحوم ’ سچل سرمست، سنڌ جو منصور‘ نامي مضمون (نئين زندگي، مئي 1956ع) ۾ به ڪيو هو. در اصل سنڌي ادب سان انس رکندڙ هر فرد جي اِها دلي تمنا آهي ته گربخشاڻي جھڙي معيار وارو سچل جو به ڪو مستند رسالو ٿيڻ گھرجي!

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here