ICC refused to play role for Pak India series, Zaheer Abbas  

International Cricket Council’s president Zaheer Abbas said that ICC can’t play role for the Pak India series. Boards of the both countries will see the issue of the series. If the situations are better, the other teams will also come to Pakistan. Zaheer Abbas said that Pak India series depend on both boards. If neighbor countries play together, the cricket will be improved. Pakistan is not a normal team. If performance are good, the other teams would like to play. He said that as long as the security conditions are not improved, the other teams will not expect to come. Asif and Salman’s performance are monitored by PCB. It is the decision of PCB whether to play or not. I hope Pakistan’s women team will improve.

آئي سي سي پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي لاءِ ڪردار ادا نه ٿي سگهي، ظهير عباس 

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جو صدر ظهير عباس چيو آهي ته آئي سي سي پاڪ ڀارت سيريز جي لاءِ ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي. ٻنهي ملڪن جي سيريز جو معاملو بورڊز ڏسندا. حالات بهتر هوندا ته پاڪستان ۾ ٻين ملڪن جون ٽيمون به اينديون.ظهير عباس جو چوڻ هيو ته پاڪ ڀارت سيريز جو دارومدار ٻنهي جي بورڊز تي آهي. پاڙيسري ملڪ پاڻ ۾ کيڏندا ته ڪرڪيٽ جي بهتري ٿيندي. پاڪستان معمولي ٽيم نه آهي. پرفارمنس سٺي هوندي ته ٻيون ٽيمون به کيڏڻ چاهينديون. ان جو چوڻ هيو ته جيستائين سيڪيورٽي حالات بهتر نه ٿيندا ته ٽيمن جي اچڻ جي اميد نه آهي. ظهير عباس جو چوڻ هيو ته آصف ۽ سلمان جو معاملو پي سي بي کي ڏسڻو آهي، چاهي ته ٻنهين کي کيڏائي سگهي ٿي. اميد آهي ته پاڪستان ويمن ٽيم ترقي ڪندي 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here