India won by 278 runs in the second test match against Sri Lanka

India defeated Sri Lanka in second test match by 278 runs and level the series by 1-1. Sri Lanka lost second test match against India and star batsman Kumar Sangakara has reached the end of his international career. The target of 413 runs in the second innings was given to the Sri Lankan team by India but Sri Lankan whole team was out on just 134 runs.  India scored 393 runs in the first innings of the second test while Sri Lanka scored 306 runs in the first inning. India declared the second inning at 325 runs for eight wickets and set target of 413 runs to win. Spin bowler Ashwin has played a significant role in the Indian’s victory. He took 5 wickets for 42 runs in second innings while in the first innings his bowling spell was 2 wickets for 76 runs. In the first innings of the India, Rahul scored 108, Kohli 78, Sharma 79 and Saha 56, the Indian team was able to add total of 393 runs. Parsad, Mathews and Chameera took 2 wickets each whereas Herat showed excellent bowling with 4 wickets. The Sri Lankan whole team were out on 306 runs. J.K Silva scored 51 runs, Thermane 62 and Mathews 102 from Sri Lankan side. Mishra took 4 wickets, Sharma and Ashwin took 2 wickets each whereas Yadav and Binny took took 1 wicket each. India were bowled out at 325 runs in the second innings. Vijay scored 82, Rahane 126 and Sharma 34 runs from Indian side.

ڀارت سريلنڪا کي ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ 278 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ کيڏيل ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت سريلنڪا کي 278 رنسن کان شڪست ڏئي ڪري سيريز 1-1 کان برابر ڪري ڇڏي. سريلنڪا کي ڀارت جي هٿان ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست سان گڏ اسٽار بيٽسمين سنگاڪارا جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪيريئر به پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ويو. ڀارت ٻئين اننگز ۾ سريلنڪا کي کٽڻ جي لاءِ 413 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هيو جنهن جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم فقط 134 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڀارت ٻئين ٽيسٽ ميچ ۾ پنهنجي پهرين اننگ ۾ 393 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگ ۾ 306 رنسون اسڪور ڪيون. ڀارت 325 رنسون اٺ رانديگر آئوٽ تي ٻئين اننگ ڊڪليئر ڪري سريلنڪا کي 413 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هيو. ڀارت جي کٽڻ ۾ اسپن بولر ايشون اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ٻئين اننگ ۾ 76 رنسون ڏئي ڪري ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا هيا. ڀارت جي طرفان پهرين اننگ ۾ راهول 108، ڪوهلي 78، شرما 79 ۽ ساها 56 اسڪور ٺاهيو جنهن جي مدد سان ڀارت جي ٽيم 393 اسڪور جوڙڻ ۾ ڪامياب رهي. سريلنڪا جي طرفان پرساد، ميٿيوز ۽ چميرا ٻه ٻه ورڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته حيرات چار وڪيٽون حاصل ڪري عمده بولنگ جو مظاهرو ڪيو. جواب ۾ سريلنڪا جي ٽيم 306 اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي. سريلنڪا جي طرفان سلوا 51، ٿرماني 62 ۽ ميٿيوز 102 رنسون ٺاهيون. ڀارت جي مشرا چار، شرما ۽ ايشون ٻه ٻه جڏهن ته يادو ۽ بني هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ٻئين اننگ ۾ سريلنڪا ڀارت کي 325 رنسن تي آئوٽ ڪري ڇڏيو. ڀارت جي طرفان وجي 82، ريحاني 126۽ شرما 34 رنسون اسڪور ڪيون   

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here