Qazi Muhammad Taqui
PERSONALITIES OF PAST
From the Shelves of History
Kazi Muhammad Taqui (1914-1968)

Kazi Muhammad Taqui was not only a great agriculturist, renowned industrialist and a famous social personality of district Sanghar but was also considered among one of those businessmen of that era who silently worked and contributed towards the development and welfare of our nation. Kazi Muhammad Taqui was born on 14th July 1914 in Mehran Valley’s historical, educational, intellectual, social, political and cultural city of Hala (old). As a result of acquiring good education, struggle and hard work, he was appointed as a Government Officer, which was considered as a big achievement at that time.

Mr. Kazi did not confine himself to the post of a government officer or limited his hard work and intellectual capacities in serving as a government officer only but he moved ahead with positive thinking and strong vision. After his resignation from government officer’s post, he was involved in taking care of his forefather’s occupation of agriculture.

He had faith and trust in Allah. All his expectations and hopes were in the Almighty and therefore fate and nature helped him sail through odds by constant hard work and determination.

He turned his interest towards trade and business progressively and hence eventually expanded his business in seven (7) different trade markets at the same time. He established the foundation of the Cotton Industries in Shahdadpur, after which many employment opportunities were created around the province. During this time, he also became the member of Stock Exchange and Cotton Exchange and worked hard for prosperous growth of economy. These institutions honored him with the title of KING OF COTTON which was a moment of great honor and pride for his family and the province of Sindh.

Kazi Taqui was the first person who introduced BANANA cultivation on commercial basis in Pakistan. He bought seeds of Banana from Bombay and Bengal in India and then planted and experimented on his lands with these seeds, which resulted in great success. He has won many awards in several agricultural shows and exhibitions. He was considered as the progressive and modern agriculturist. Due to his struggle, countless efforts and contribution in the Agriculture sector, Government of Pakistan honored him with many awards and called Mr. Kazi as THE KING OF BANANA. Kazi Taqui, with his innovative and intelligent mind introduced cultivation of varietal species of mangoes which give fruit of mango twice a year both in winters and summers.

He also had good architectural abilities and built many landmarks, his Farm House and KAZI COURTS buildings in Bahadurabad Karachi are one of those. Mr. Kazi Muhammad Taqui was a great businessman and agriculturist but at the same time he had a great intellectual mind in terms of solving matters and social problems and therefore for this reason Government of Pakistan honored him with title of JUSTICE OF PEACE.

Kazi Sahab had a very strong friendship with Pir Shah Mardan Shah (Pir Pagara VII). Pir Sahab was hosted many a times by Kazi Taqui at his Akhtar Farm House. Pir Pagara used to visit Kazi M.Taqui More often and take rest at his place while on travel.  Moreover, many other famous personalities were his great friends including the Former President Muhammad Ayub Khan, Former Prime Minister And President Zulfiqar Ali Bhutto, Former Prime Minister Muhammad Khan Junejo, Nawab of Kalabagh, Muhammad Ali Shah Jamote, Khan Bahadur Ayub Khuro, Jam Kambu Khan, Kazi Abdul Majeed Abid, Kazi Akber, Jam Sadiq Ali and Nawab Mushtaq Ahmed Gurmani which had strong portfolios of Interior Minister of Pakistan from 1951 Till 1954, Served As Governor of Punjab between 1954 and 1957. In 1955, Went On To Become the First Governor of West Pakistan.

Though, Kazi M.Taqui never turned his interest towards politics but he was famous for his social works, charity and development of country. Kazi Muhammad Taqui was also fond of reading and therefore liked to buy so many newspapers and magazines annually. He used to order books from various Educational Institutes and liked to read them. He had enormous collections of unique and expensive published and unpublished books which had amazing calligraphy on them. Kazi Sahab used to financially help Educational Institutes and Deeni Madarsas and hence for this purpose he used to send his contributions and donations through money order from cities and villages of Sindh to the city of Peshawar.

Kazi Sahab played vital role in Pakistan’s and specially Sindh’s economic growth. He proved that not only politicians but a sincere, patriotic businessman can also serve and contribute in development of country. In his short span of time, he had done so much that still his name is alive in people’s heart. Kazi Muhammad Taqui passed away on 17th April 1968 due to cardiac arrest in Shahdadpur.


 

اڄ وري توکي ياد ڪيوسين

قاضي محمد تقي

 سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب

چوندا آهن ته انسان جون خوبيون ۽ خصلتون تڏهن ياد اينديون آهن، جڏهن هو پنهنجن ۽ پراون کي داغ مفارت ڏئي ويندو آهي ۽ گڻ وري هنن ماڻهن جا ڳايا ويندا آهن. جيڪي حقيقي نوعيت سان گڻن وارا هوندا آهن. سچ ته سنڌ جي عظيم صوفي شاعر حضرت شاهه عبدا الطيف ڀٽائي اهڙن ماڻهن جو ذڪر پنهنجن لفظن ۾ هيئن ڪيو آهي ته: ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.سنڌ جي پاڪ سرزمين جيتري قدر سرسبز ۽ شاداب رهي آهي. ايتري قدر ئي ان تي رهندڙ ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو گلاب جي گلن وانگر ٽڙيا ۽ پنقهنجي عمل جي حسن ۽ خوشبوءَ سان ٻين ماڻهن کي روحاني سرور ۽ سڪون فراهم ڪيو. هن زمين تي اهڙا به هيرا پيدا ٿيا جن جي روشني سان انڌڪار ختم ٿيو. انهن سچن هيرن مان قاضي محمد تقي مرحوم کي شمار ڪجي ته اهو بلڪل حقيقت آهي.قاصي محمد تقي مرحوم نه صرف سانگهڙ ضلعي جو عظيم زميندار، ڪارخانيدار، واپاري ۽ سماجِي ماڻھو هو. پر سنڌ جي آزادي جي اوائلي دور جي انهن وڏن واپارين واپاري ۽ سماجِي ماڻھن مان هڪ هو، جن خاموش طبعي سان قوم جي خدمت ڪئي ۽ غريب پروري سان غريب ماڻهن جو هڏ ڏوکي ٿيو. انهن گڻن جي اپٽار ڪندي، جيڪي ڪجهه لکيو وڃي، انهي سان اچڻ واري نسلن لاءِ هڪ بهترين مثال ۽ نيڪ عملن جو هڪ لازوال سبق ملي سگهي ٿو. سنه 1914ع جو زمانو هو. ماهه جولاءِ جي 14 تاريخ هئي ته سنڌ جي هن نامور شخصيت جي سنڌ جي ّمشهور صديقي قاضي خاندان ۾ ولادت باسعادت ٿي. قاضي صاحب وادي مهراڻ جي پراڻي تاريخي، علمي، ادبي ، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي شهر هالا (پراڻا) ۾ جنم ورتو. ياد رهي ته هن زمين کي اعليٰ دماغ ۽ قابل قدر شخصيتن جي پيدائش جو فخر حاصل رهيو آهي.

آخرڪار هڪ تمام وڏي علمي محنت ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ گورنمينٽ آفيسر جي عهدي تي فائز ٿيو، جيڪا ان دور ۾ هڪ تمام وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي. اهو دور هو جنهن ۾ سندس شادي به نه ٿي گذري. قاضي صاحب  پنهنجي محنت ۽ ذهانت جو دائرو صرف سرڪاري آفيسر تائين محدود نه رکيو. بلڪه ڏينهون ڏينهن ۽ ڪلاڪ ڪلاڪ جي مثبت سوچ سان اڳيان وڌندو رهيو ۽ حڪومت جي پوسٽ تان استعيفا ڏئي پنهنجي ورثي ۾ مليل پنهنجي اباڻي زمين سنڀالي.

هن پالڻهار تي مڪمل ڀروسو رکيو ۽ انهيءَ تي آسرو ۽ اميد رکيو تڏهن قدرت هن جو ڀرپور ساٿ ڏنو. مسلسل محنت لگن ۽ ذهانت سان هن پنهنجو رخ واپار طرف ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هن پنهنجي ڪاروبار جي وسعت کي هڪ ئي وقت ڇهن ستن تجارتي مارڪيٽن تائين ڦهلائي ڇڏيو. چوندا آهن ته مصور ڪڏهن پنهنجي مصوري کان مطمئن نه هوندو آهي ۽ هو هروقت بهتر کان بهتر شيءَ  ٺاهڻ ۾ مشغول هوندو آهي. ايئن قاضي محمد تقي مرحوم به پنهنجي محنت ۽ ايمانداري ۽ مستقل مزاجي سان مستقل ڪم ڪندو رهيو ۽ ڏينهن رات سنڌ جي تعمير ۽ ترقي ۾ مصروف رهيو. ايئن اهو وقت اچي ويو جڏهن هن سانگهڙ ضلعي ۽ خاص طور تي شهدادپور ۾ ڪاٽن انڊسٽريز جو بنياد وڌو ۽ ان سان گڏوگڏ ميمبر اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪاٽن ايڪسچينج جو پڻ ميمبر بڻجي ويو ۽ انهن ادارن کيس ڪنگ آف ڪاٽن جي لقب سان نوازيو، جيڪو نه صرف سندس خاندان ۽ سنڌ لاءِ وڏو اعزاز هو، قاضي صاحب سنڌ ۾ ڪمرشل جي بنياد تي ڪيلي جو فصل لڳائڻ وارو پهريون شخص هو، جنهن هندستان جي شهر بمبئي ۽ بنگال مان ڪيلي جو ٻج آڻي پنهنجي زمينن تي تجربا ڪيا ۽ بي مثال ڪاميابي ماڻي. انهن ڪاوشن جي نتيجي ۾ پاڪستان حڪومت کيس وڏن اعزازن سان نوازيو ۽ کيس ڪنگ آف بنانا پڻ سڏيو. هن پنهنجي تخليقي ارادن سان انبن جو اهڙيون جنسون تيار ڪرايون جيڪي سال ۾ ٻه ڀيرا سردي ۽ گرمي جي ٻنهي موسمن ۾ انب ڏين ٿيون. جيڪا هڪ عظيم تحقيقي ۽ ڪارائتي ڪاميابي آهي.

قاضي صاحب مرحوم جتي هڪ عظيم واپاري هو اتي مسئلن ۽ معاملن جي حل ۾ مدبرانه ذهن رکندو هو. انهي ڪري حڪومت پاڪستان کيس جسٽس آف پيس جي لقب سان سرفراز ڪيو هو ۽ هن انهي سان گهڻيون عوامي خدمتون ڪيون. جيڪي ناقابل فراموش رهنديون. هن جو اهو ئي اصول هوندو هو ته سواءِ پنهنجي ذات کي ڪيترو نقصان پهچي پر ٻن ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏجي ۽ حقيقت ۾ هن طرح سان گهڻا ئي دفعا کيس ڳرو نقصان  برداشت ڪرڻو پيو پر انصاف ڏيڻ ۾ حقدارن کي حق ڏياريو ۽ ٺهراءُ ڪرائي ٻنهي ڌرين کي امن جي راهه تي آڻي بيهاريو. امن پسندي جي سلسلي ۾ قاضي صاحب کي گهڻا ئي دفعه دوستن جي ناتن ٽٽڻ جو خطرو رهيو پر ڪڏهن به انصاف جي ساهمي جو هڪڙو پڙ هڪ پاسي نه جهڪايو. سماجي معاملن ۾ قاضي صاحب جو ڪردار هڪ مثالي حيثيت رکي ٿو .جن ۾ پير صاحب پاڳاري سان سندس بهترين دوستانه تعلقات هئا. اڪثر پير صاحب پاڳارو سندس هالا شهدادپور روڊ جي باغ واري بنگلي تي سندس خاص مهمان هوندو هو. ان سان گڏوگڏ ٻيا نالا به قابل ذڪر آهن. جنهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو صدر ايوب خان، اڳوڻو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو، اڳوڻو وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، نواب ڪالا باغ، محمد علي شاهه ڄاموٽ، ڄام ڪاڀو خان، قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪبر ۽ ٻيا به ڪيترائي مشهور ماڻهو سندس دوست رهيا.

البته هو سياست کان پري رهندو هو. تاهم به سماجي خدمتن سان سندس نام نامي اسم گرامي جي مقبوليت جو هي عالم هو. قاضي محمد تقي مرحوم مطالعه جو گهڻو شوقين هو. پاڻ گهڻن ئي اخبارن ۽ رسالن جو ساليانه خريدار هو ۽ ادبي ادارن کان  ڪتاب گهرائي پڙهندو هو. بعض ادارن کي امداد به پڻ ڏيندو هو. سندس ذاتي مطالعي گاهه ۾ گهڻا ئي ناياب قيمتي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب ملندا، جن تي نهايت خوبصورتي سان حاشيه آرائي ڪيل آهي.

قاضي صاحب صوم صلوات جو پابند متقي، عابد، زاهد شخص هو. قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن پاسي ٻاهر نه ويندو هو. سندس اهو عقيدو هو ته هو ڪلام پاڪ جي تلاوت جي ڪري پنهنجي رب العزت سان مخاطب آهي. خير خيرات جو ڪوڏيو، دريا دل، سخي هو. هالا، شهدادپور. سانگهڙ ، سنجهورو ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن تائين سندس خيراتون پهچنديون هيون ۽ انهن خيراتن جي سهاري گهڻي ئي بيوه عورتون ۽ يتيم ٻار پرورش وٺي رهيا هئا. هنن جا وظيفه مقرر هوندا هئا.

قاضي صاحب جي زيرپرستي ڪئي مدرسا قائم رهيا آهن. پاڻ مسجدن جي تعمير سان گهڻو شوق رکندو هو ۽ انهي ۾ کيس خوشي ٿئي حاصل ٿيندي هئي. قاضي صاحب ديني مدرسن کي چڱي خاصي مالي مدد ڪئي. سندس مني آرڊر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچڻ جي علاوه پشاور تائين ويندا هئا.

قاضي محمد تقي صاحب سياست ۾ تـه نـه ايا پرهنن جي شورت سندس سماجي، غريب پروري ۽ ملڪ ۽ قوم جي خذمت ۽ فلاح ۽ بيبود جي ڪري مشهور هي. قاضي صاحب اهوعملي تور ثابت ڪيو ته نه رگھو سياستدان پرهڪ حُبل وطن ۽ ايماندر ڪاروباري ماڻهو پڻ هن وطن جي قوم جي ماڻهن جي خذمت ڪري سگي ٿو.

بهرحال قاضي محمد تقي هڪ مثالي ۽ ڀرپور زندگي گذاري ويو. اهڙا ماڻهو سچ ته تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن جيڪي مختصر زندگي ۾ هر ڳالهه جو خيال رکي ڪري ايڏي وڏي مان مرتبي تي پهچن ٿا. سندس علمي، ادبي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ غريب پروري جي جانشيني سندس هونهار پٽن قاضي عزيز اختر مرحوم ۽ قاضي امير اختر مرحوم کان پوءِ ڊاڪٽر قاضي نعيم اختر ۽ انهي جي پٽن انجنيئر قاضي عاصم نعيم، قاضي ڪاشف نعيم، ايڊوڪيٽ قاضي ناظم نعيم، ننڍي پٽ قاضي فهد احمد ۽ سندس پياري ڀائٽي انجنيئر قاضي شهزاد کي ورثي ّملي آهي. جيڪي پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي جي ڪاوشن جا امين ۽ نگهبان بڻجي ان کي وڌائيندا ۽ ڪاميابين جو جهنڊو ميدان ۾ گاڙيندا اچن. سچ ته قاضي محمد تقي جي زندگي سنڌ جي اعليٰ خاندانن، پيرن ۽ اميرن لاءِ هڪ بهترين مثال آهي. اصل ۾ قاضي صاحب جدوجهد، ڪوشش جو نيڪ پيڪر هو. آخرڪار هن دنيا ئي فاني کي 17 اپريل 1968ع شهدادپور ۾ هن هميشه لاءِ الوداع چئي رخصت ٿي ويو.

Special Thanks to;

Kazi Naeem Akhtar - Sindhi Dunya

Text & Pictures by

Dr. Kazi Naeem Akhtar

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here