PCB stopped Salman But and Mohammad Asif from playing domestic cricket

Pakistan Cricket Board has stopped former captain Salman But and Mohammad Asif to play domestic cricket. According to the details, the Lahore City Cricket Association had announced to join the team and after that Salman But had also confirmed to join the team but now PCB sources said that the PCB has stopped two players from playing domestic cricket. PCB sources said that both players have not yet fulfilled the conditions of anti-corruption rules and detailed decision of the ICC is still to come in which it would be clear whether or not they have to play a domestic cricket.

پي سي بي سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سابق ڪپتان سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيلن جي مطابق سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي لاهور سٽي ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هيو ۽ جنهن کانپوءِ سلمان بٽ به ٽيم ۾ شموليت جي تصديق ڪري ڇڏي هئي پر هاڻي پي سي بي ٻنهي رانديگرن کي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پي سي بي ذرائع جو چوڻ آهي ته ٻنهي رانديگرن اڃا اينٽي ڪرپشن جي قائدا ۽ قانون پورا نه ڪيا آهن ۽ آئي سي سي جو به تفصيلي فيصلو اچڻو باقي آهي جنهن ۾ واضح ٿيندو ته انهن کي ڊوميسٽڪ کيڏڻي آهي يا نه

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here