ٿر کي قدرت طرفان ٻين نعمتن سان گڏ ڪوئلي جي ذخيرن سان به نوازيو ويو آهي. 1988ع ۾ برٽش اوورسيز ٿر جو ڪوئلو جيڪو اسلام ڪوٽ کان اٽڪل 15 ڪلوميٽر اوڀرندي طرف ڳوٺ کاريي غلام شاھ ويجهو ڪوئلي جي ڳولا ۾ ڊيولپمينٽ ايجنسيءَ ڇاڇري جي ڀرسان سازدار طرفان کوٽايل پانيءَ جي کوهه جو ارضي ۽ طبعي جائزو ورتو. ٿر ۾ ڪوئلي وارو علائقو ٿر ضلعي جي مٺي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ آهي. هن وقت تائين پاڪستان ۾ 185.575 بلين ٽن ڪوئلو موجود هجڻ جو ڪاٿو ڪيل آهي، جنهن مان 184.123 بلين ٽن ڪوئلو صرف سنڌ ۾ موجود آهي، جيڪو سڄي ملڪ جي ذخيرن جو 99.21 سيڪڙو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ذخيرو ٿر جي ريگستان ۾ آهي. ٿر جو اهو ريگستان دنيا جي وڏن ريگستانن مان نائين نمبر تي آهي. جتي هن جديد دور ۾ اڄ به انسان پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي، بجلي جي روشني، نياڻين جي تعليم توڙي بنيادي صحت وارين سهوليتن کان وانجھيل آهن. جيڪڏهن وسيلا ڪتب آڻي ۽ علائقي کي حقيقي ترقي ڏني وڃي، ته ٿر جي وارياسي زمين سون جي حيثيت رکي ٿي ۽ ٿر پوري ملڪي معيشيت جي برابر ناڻو ڪمائي ڏئي سگھي ٿو. هونءَ به، ٿر معدني دولت جي لحاظ کان شاهوڪار علائقو آهي، جتي ڪوئلي کان سواءِ چائنا ڪلي، گرينائيٽ، سليڪان، گئس ۽ ٻيا معدنيات پڻ موجود آهن. ٿر ۾ موجود ڪوئلي جو ذخيرو، دنيا جو چوٿون نمبر ۽ ملڪ جو پهريون نمبر وڏو ذخيرو آهي، جيڪو 9100 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾، زيرِزمين ڦهليل آهي، جيڪو مُلڪي ڪوئلي جي ذخيرن جو 94.57 سيڪڙو آهي ۽ ماليت جي حساب سان ان جو تخمينو 175.506 بلين ٽن لڳايل آهي جنهن جي درجي جو قسم لگنائيٽ (Lignite) آهي. هي ڪوئلو واريءَ، مٽي ۽ پاڻيءَ جي مختلف نوعيت جي تهن هيٺان 450 کان 600 فوٽن يا ان کان به وڌيڪ اونهائي تي موجود آهي.

ٿر جو ڪوئلو ايترو ته گهڻو آهي، جو ان جي 2 سيڪڙو استعمال سان به، پاڪستان ۾ 40 سالن تائين 20,000 ميگا واٽ بجلي ٺاهي سگهجي ٿي! ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ سان لڳ ڀڳ 5.67 رپيا في يونٽ پوڻ جو ڪاٿو لڳايل آهي، جڏهن ته هن وقت نو (9) رپيهه في يونٽ بجلي ملي رهي آهي.جيڪڏهن ٿر ۾ موجود هن ذخيري کي، توانائي ۾ تبديل ڪيو وڃي، ته ان جو مقدار گهٽ ۾ گهٽ 400 بلين بيرل تيل جي برابر ٿئي ٿو، جيڪو سعودي عرب ۽ ايران ۾ موجود تيل جي مجموعي پيداوار کان وڌيڪ توانائي رکي ٿو. ٿر جي ڪوئلي مان 850 TCF (Trillion cubic feet) گئس پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا پاڪستان ۾ موجود گئس (28 TCF) کان 30 دفعا وڌيڪ آهي. هن ڪوئلي جي استعمال سان سيمينٽ جي صنعت ۾ پڻ روزانو 3،000 ٽن سيمينٽ تيار ڪرڻ ذريعي، ساليانو 495 ملين رپين جو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هڪ اندازي موجب، هن وقت هڪ ٽن سيمينٽ تيار ڪرڻ لاءِ، بٺي ۾ ٻارڻ جي تيل تي لڳ ڀڳ 924 رپيا خرچ اچي رهيو آهي، جڏهن ته ڪوئلي جي استعمال سان اهو گهٽجي 374 رپيا ٿي ويندو. هائڊروجيالاجيڪل اسٽڊيز مطابق ٿر ۾ ٽن سطحن تي پاڻي جو وڏو ذخيرو پڻ موجود آهي ڪوئلي جي مٿان ۽ زمين جي تھ کان 50 ميٽر هيٺ تائين، ڪوئلي جي وچ ۾، زمين جي تھ کان 120 ميٽر هيٺ ۽ 68.74 ميٽرن جي ويڪر/ٿولھ تائين، ڪوئلي جي هيٺان، زمين جي تھ کان 200 ميٽر هيٺ ۽ 47 ميٽرن جي ويڪر/ٿولھ تائين، بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ ٿر سميت سونڊا – جهرڪ، ميٽنگ – جهمپير، بدين ۽ اونگر جهڙيون ٻيون ڪوئلي جون کاڻيون به، اڃان تائين حڪومتي پاليسين جي ناڪاميءَ ۽ ضد جي ور چڙهيل آهن، جنهن ڪري سنڌي عوام جون اميدون اڃان تائين ساڀيان ٿيڻ کان رهجديون پيو اچن ۽ سڀ ڪجهه هوندي به، روزانو 10 کان 12 ڪلاڪ بجلي جي سهوليت کان محروم رهڻو پوي ٿو. جنهن ڪري، هميشه بجلي جو بهانو بنائي، ڪالا باغ ڊيم جي همايت ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته، سنڌ جي ڪوئلي بابت ڪڏهن به آواز نه اٿاريو ويو آهي. هن وقت دنيا ۾ 40% کان وڌيڪ بجلي ڪوئلي مان تيار ڪئي پئي وڃي. ڪوئلي جي پيداوار ۽ استعمال جي لحاظ کان سائوٿ آفريڪا 93%، پولينڊ 92%، چين 79%، آسٽريليا 77%، ڪازڪستان 70%، انڊيا 69%، اسرائيل 63%، آمريڪا 49% ۽ جرمني 46% توانائي جون ضرورتون ڪوئلي مان پوريون ڪري رهيا آهن. پاڻ وٽ به، ٿر جي ڪوئلي کي استعمال ڪندي، بجلي گهر لڳائي، ملڪ جون بجلي ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ، صنعتي ترقي طرف پڻ وڃي سگهجي ٿو . هتي اهو به ياد ڏياري چڏجي ته، ٿر جو ڪوئلو، پنهنجي پاڙيسري ملڪ انڊيا جي بارڊر کان ٻئي طرف، راجستان جي علائقي تائين پکڙيل آهي، جنهن مان هن وقت بجلي تيار ٿي رهي آهي.توانائي جي وڌندڙ ضرورتن مطابق، پوري دنيا ۾ ڪوئلو بليڪ گولڊ جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي، ته پاڪستان هوندي سوندي به ان کان محروم آهي. اسان کي چين مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، جنهن ڪوئلي مان ٻارڻ (fuel) پيدا ڪري، جيٽ جهاز هلائڻ جا ڪامياب تجربا ڪري، ان جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ڪري چين پنهنجي تيل جي ضرورتن لاءِ پيٽرول برآمد نٿو ڪري، بلڪه مختلف ٽيڪنالاجين سان توانائي حاصل ڪري، پنهنجي ملڪي ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ، دنيا جو وڏي مان وڏو مينيوفيڪچرر پڻ آهي.

جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڪوئلي کي زيرِ زمين ساڙي ان کي گئس ۾ پڻ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ By-products جي شڪل ۾ گئس، معدنيات ۽ فصلن لاءِ ڪيميائي ڀاڻ (فرٽيلائزرز) جي منافع بخش صنعت پڻ وجود ۾ اچي سهگي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته، پاڪستان 2002 ۾، چين جي شهنوا Shenhuaڪمپني سان اعلى سطح تي رابطو به ڪيو هو، جنهن ۾ Build, Operate & Transfer تحت معاهدو به ڪيو ويو هو. ان ڪمپني کي ٿر واري ڪوئلي جي بلاڪ نمبر 2 تي 50 چورس ڪلوميٽر جي علائقي تي موجود ڪوئلو حاصل ڪري، سال 2009 جي آخر تائين 600 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل هئي. چيني ڪمپني 5.75 سينٽس في يونٽ جو ريٽ به ڏنو، جڏهن ته NEPRA (National Electric Power Regulatory Authority) ان کي 5.34 سينٽس في يونٽ کان وڌيڪ ڏيڻ تي تيار نه هو. صرف 0.41 جي فرق تي، اهو پروجيڪٽ شروع ٿيڻ کان رهجي ويو ۽ چين جي اها ڪمپني مايوس ٿي واپس هلي وئي. جنهن سان نه صرف اسان بجلي کان محروم ٿياسين، پر ڪوئلي تي سرمائيڪاري ڪرڻ وارين بين القوامي ڪمپنين جي اعتماد کي پڻ شديد نقصان پهتو.

[huge_it_slider id=”8″]

هن واقعي جي صرف چئن سالن کان پوءِ، پاڪستان 13.5 سينٽ في يونٽ تي ڪرائي جي بجلي وٺڻ تي تيار ٿي ويو. ان کاپوءِ، چين جي ساڳئي ڪمپني سان معاملا طئي ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ڪو به فائدو نه ٿيو. 2008 ۾ NEPRA پاران هڪ اهم اشتهار به ڏنو ويو هو، جنهن ۾ درخواستون طلب ڪندي، بلوچستان جي ساحلي علائقي گڏاڻي (گڊاني) تي Coal Based Power Project جو ذڪر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ واضع طور لکيو ويو هو، ته استعمال ٿيندڙ ڪوئلو، ٻاهرين ملڪن مان درآمد (ايڪسپورٽ) ڪيو ويندو. ٿر ۾ ڪوئلي جي هوندي ٻاهران ڪوئلو گهرائڻ ظلم کان گهٽ نه هو! هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ سان نه رڳو سستي اگھ تي بجلي ۽ گئس جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، پر ان سان گڏوگڏ لکين ماڻهن کي روزگار پڻ مهيا ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان ٿر جهڙي پوئتي پيل علائقي ۾ به، ڪاروبار ۽ خوشحالي واريون سرگرميون ته شروع ٿي سهگن ٿيون، پر ججهي آبادي جي روزگار جو مسئلو حل ٿيڻ سبب، ڪيترن ئي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاريندڙ خاندانن جون، ذري گهٽ سڀ بنيادي گهرجون پوريون ٿيڻ به ممڪن ٿي سگهي ٿو. ڪوئلي جي استعمال سبب، ماحولياتي گدلاڻ سان وڌنڌڙ بيمارين جي ڪري، عام زندگي متاثر ٿيڻ وارو سوال پڻ وڏي معنى ۽ اهميت رکو ٿو، پر هن ڪوئلي ۾ سلفر جو مقدار گهٽ (0.92% to 1.34%) هئڻ سبب، قدرتي طور ماحول دوست ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ مناسب آهي. جيتوڻيڪ هن پروجيڪٽ جي شروعاتي لاڳت گهٽ نه آهي، پر ان جي پيداوار کان پوءِ جو فائدو، هن جي لاڳت کان تمام گهڻو وڌيڪ ٿيندو.ماضيءَ جون حڪومتون، سرڪاري اعلانن ۽ سکڻن بيانن کانسواءِ، ملڪي تاريخ جي ايڏي وڏي تعميراتي پراجيڪٽ بابت اڃان تائين ڪو به عملي ڪم نه ڪري سگهيون آهن ۽ سنڌ جي نوجوانن جي مخصوص هنرن ۽ شعبن ۾ موثر تربيت لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن، ان ڪري اڃان تائين ڪوئلو زمين جو اندريون ڳجهه ئي رهجي ويو آهي. ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي مٿاهينسطح تي ٿي سگهي ٿي، ڇو ته زمين جي مٿاڇري تي واري توڙي ان جهڙي نرم وزن ۽ هيٺيان پاڻي جي گهڻي مقدار هئڻ سبب، زير زمين کوٽائي ممڪن نه آهي. موجوده حڪومت کي گهرجي، ته ٿر جي هن ڪاري سون کي ڪڍڻ جو مڪمل عزم ڪري، ان تي ڪم شروع ڪري، ته جيئن سنڌ جي هن خزاني مان، ملڪ ۾ جاري توانائي جي بحران تي قابو پائي سگهجي، ته ٻئي طرف سنڌ جي مجموعي معاشي ترقي به ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ سنڌين کي پنهنجي ڌرتي جو ۽ ان اندر لڪل ڪاري سون جو معاوضو، انهن جي مالڪي ۽ اتي پيدا ٿيندڙ روزگار تي، پهرين انهن جو حق ڏئي، انهن کي خوشحال ڪري سگهجي. جيڪڏهن ٿرپاڪر ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هونديون ته ٻن ڏهاڪن اندر ٿر جو موجوده نسل ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪري انهي لائق بنجي ويندو جو هو انهي ٿر ڪول پروجيڪٽ ۾ ڪنهن سٺي پوزيشن تي نوڪري ڪري سگهندو. ٿر جي ڪوئلي وارن ڳوٺن کي سٺي نموني سان آباد ڪري سگهبو.

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here