Unique donkey telling the story of future

A donkey in Indian state Rajasthan telling the story of future has become the center of attention these days. Rajasthan’s donkey Gnaga Ram gives right answers the question of his owner and the people need to pay Rs.10 for a question. The donkey walks around in circle and its master asks some questions about people in the crowed and stop in front of the person with whom the queries related to. Some people tells the donkey has an extraordinary powers others claimed that a donkey and its master is a fraud.


مستقبل جو حال ٻڌائڻ وارو انوکو گڏھ

ڀارت جي رياست راجستان ۾ مستقبل جو حال ٻڌائڻ وارو گڏھ انهن ڏينهن ۾ توجه جو مرڪز بڻيل آهي. راجستان جو گڏھ گنگارام پنهنجي مالڪ جي سوالن جو بلڪل صحيح جواب ڏيندو آهي. پنهنجي مسقبل جو حال ٻڌائڻ جي لاءِ سوال ڪرڻ وارن کي ڏھ روپيا ڏيڻا پوندا آهن. گڏھ جو مالڪ جڏهن مجمعي ۾ بيٺل ڪنهن ماڻهن کان سوال ڪندو آهي ته گڏھ دائري ۾ گهمي ڪري هن شخص وٽ وڃي ڪري فوراً بيهي رهندو آهي. ڪوئي هن گڏھ کي غير معمولي طاقت سمجهي ٿو ته ڪوئي هن کي فراڊ سمجهي ٿو.
 

LEAVE A REPLY