شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزير اعظم ۽ سياست کي ڊرائنگ روم  مان ڪڍي ڪري عوام ۾ آڻڻ وارو پهريون پاڪستاني رهنما 5 جنوري 1928 تي سر شاهنواز ڀٽو جي گهر المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو سنڌ ۾ جنم ورتائين. سر شاهنواز ڀٽو نالي وارو سياستدان ۽ تحريڪ پاڪستان جو مرڪزي رحنمائن مان هڪ هو. هڪ بر صغير پاڪ ۽ هند ۾ سنڌ ۽ بمبئي جي سياست جو مرزڪي رهنما مڃيو ويندو هو.

Zulfikar_Ali_Bhutto_1971

ڀٽو خاندان پاڪستان سنڌ اچڻ کان پهرين انڊيا جي هڪ ضعلي حصار جي هڪ اهم سرسواتي جي هڪ ڳوٺ موعز ڀٽو ۾ آباد هئا ان ڪري انهن کي ڀٽو سڏيو وڃي ٿو. هي ڳوٺ اڄ به سرسواتي جي ڪناري تي آباد آهي. سرسا هڪ اهم ريلوي اسٽيشن به هو. سکن جي زماني ۾ جڏهن درياء سرسواتي خشڪ ٿي ويو ۽ اُن

علائقي جون فصلون تباهه ٿي ويون ماڻهو بک جا شڪار ٿي ويا ان جي ڪري هن خاندان جا فرد پاڪستان سنڌ جي هڪ شهر لاڙڪاڻي ۾ وڃي آباد ٿيا.

ذوالفقار علي ڀٽو جي شخصيت ايتري ڀرپور ۽دلير هئي ۽ پاڪستاني تاريخ تي پاڻ ايترو ته گهرو اثر ڇڏيا جو ان جي باري ۾ لکيو وڃي ته خبر ناهي ڪيترا ڪتاب لکيا ويندا. هن مختصر مضمون ۾ صرف اهم اهم ڳالهيون ئي بيان ڪري سگهجن ٿيون. ذوالفقار علي ڀٽي جي والد سر شاهنواز ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽي جي تعليم تي خصوصي توجهه ڏني. ذوالفقار علي ڀٽي بشپ هائي اسڪول ڪراچي مان ابتدائي (شروعاتي) تعليم حاصل ڪئي ۽ گرجا هائي اسڪول بمبئي (Cathedral High School) مان ڊسمبر 1946 ۾ سينئر ڪمبريج جو امتحان پاس ڪيائين. سيپٽمبر 1947ع ۾ لوز اينجلز جي ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ داخلا ڪرائي وئي. 1950 ۾  ذوالفقار علي ڀٽي سياست ۾ بي. اي اونرز ڪيائين. ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي جتان ان 1952 ۾ ايم اي اونرز جي ڊگري حاصل ڪئي.ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ راند به کيڏندو هو ۽ طالبن جي سياست ۾ به حصو وٺندو هو. مطلب ته هر لحاظ کان هڪ ممتاز طالب علم هو.تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1953ع ۾ پاڪستان واپس آيو  ۽ عملي زندگي شروع ڪيائين. ذوالفقار علي ڀٽو مسلم لا ڪاليج ۾ وقتي طور تي پروفيسر رهيو ۽ وڪالت به ڪئي پر انهن کي نه وڪالت پسند هئي نه پروفريسري! ذوالفقار علي ڀٽو دراصل عملي سياست ۾ حصو وٺڻ جو قائل هو. 8 آڪٽوبر 1958 ڌاري ملڪ ۾ ماشلا لڳي ته جنرل ايوب خان کي پنهنجي مارشلا ڪابينا جي لاءِ قابلِ اعتماد وزيرن جي ضرورت هئي جيڪي پراڻي سياستدانن مان نه هجن ۽  اسڪندر مرزا جي سفارش تي ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪيائين ۽ ڪامرس منسٽري ان جي حصي ۾ آئي مگر بنيادي طور تي ذوالفقار علي ڀٽو  وزارت امور ۾ دلچسپي رکندو هو. آڪٽوبر 1959 ۾   ذوالفقار علي ڀٽو   کي يو اين او (U.N.O) ۾ پاڪستاني وفد جو قائد ڪري موڪليو ويو ذوالفقار علي ڀٽي رشيا ۽ اميريڪا جي طرفان  تخفيفِ اصلاح ۾ پاڪستاني موقف تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو.

جنوري 1960 ۾ ان جا ادارا تبديل ٿي ويا ۽ ان کي اطلاعات ۽ قومي تعمير جو وزير منتخب ڪيو ويو ۽ پڻ بجلي جو ادارو به ان کي سونپيو ويو. ان دور ۾ ايوب خان جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو. 1962 جي دستور کي آخري شڪل ڏيڻ ۾ پڻ منظور قادر جو ساٿ ڏنو. 1963 ۾ صدر جنرل ايوب خان ان کي حلالِ پاڪستان جو ايوارڊ به ڏنو جيڪو پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ هئو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوشش هئي ته ان کي وزيرِ خارجه مقرر ڪيو وڃي ۽ ان کي جنوري 1963 ۾ وزارتِ خارجه ڏني وئي. وزارتِ خارجه جي حيثيت سان پاڻ ڪميونسٽ بلاڪ سان گڏ خش گوار تعلق قائم ڪيا ۽ چين سان دوستي قائم ڪرڻ لاءِ پيش رفت ڪئي. 1965 جي جنگ کانپوءِ جڏهن جنوري 1966 ۾ ايوب خان اعلانِ تسڪند تي صحيح ڪري ڇڏي ته ڀٽي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ لاڙڪاڻي هليو ويو پر ايوب خان جي لاءِ اعلانِ تسڪند جو جواب ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو. ان لاءِ وقتي طور تي ذوالفقار علي ڀٽي کي واپس گهرايو ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ان کان اعلانِ تسڪند جي حمايت به ڪرائي وئي ۽ 1966 ۾ اچانڪ ان جو استعيفا منظور ڪري ان کي فارع ڪيو ويو. ان وقت ڀٽو جي استعيفا سان پوري عوام کي صدمو پهتو ۽ نه صرف ايوب خان جي آمريت بينقاب ٿي پر عوام جا جذبات ايوب خان جي خلاف سخت  ۽ ڀٽو کي مظلوم قرار ڏئي ان جي حق ۾ ٿي ويا. ڀٽو لاڙڪاڻي وڃڻ وقت جڏهن لاهور ريلوي اسٽيشن تان گذريو ته ان جا جيالن جي تمام گهڻي تعداد اسٽيشن تي موجود هئي حالات جو غور سان جائزو وٺڻ کانپوءِ 30 نومبر 1967 تي لاهور ۾ ذوالفقار علي ڀٿي پاڪستان پيپلز پارٽي جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو. مسٽر ڀٽو سوشلسٽ نه هئو. هو هڪ جاگيردار جي گهر ۾ پيدا ٿيو هو پر ان جي والده (ماءُ) جو تعلق جاگيردار خاندانن مان نه هئو جهن جي وجهه سان ان جا ساهرا (In-Laws) ان سان سٺو ورتاءُ نه ڪندا هئا. جاگيردار هجڻ جي باوجود پنهنجي ماءُ سان ٿيڻ واري ورتاءُ جي نتيجي ۾ هو غريبن ۽ پِسيل عوام سان حسنِ سلوڪ جو جذبو رکندو هو. اعليٰ تعليم  ان کي تمام گهڻو هوشيار ڪري ڇڏيو هو. هو عوام جي نفسيات مان واقف هئو ۽ ان جي جذبن کي خوب سمجهندو هو. ان سان گڏو گڏ ان سوشلزم جو بغور مطالعو ڪيو ان طرح هو اختيارارت کي مرڪزي شڪايات يا مرڪزي ادارن وٽ وڃي جمع ڪرائڻ جو رجهان به رکي ٿو.ان تمام عملن ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي دلين ۾ جڳهه پيدا ڪئي. ڀٽو صاحب جي ذهن ۾ پنهنجي سياسي جدوجهد بلڪل واضع هئي. پيپلز پارٽي 3 رنگو جهنڊو چونڊيو جنهن ۾ سائو رنگ (Green Color) اسلام جي نمائندگي ڪندو آهي. ڪارو (Black) رنگ ظلم جي خلاف احتجاج جي علامت آهي ۽ ڳاڙهو رنگ (Red) انقلابي رجهان جي نشاني آهي. پارٽيءَ جي تنظيم چائنه جي ڪميونسٽ پارٽي جي طرز تي ڪئي وئي هئي. چيئرمن جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي وسيع اختيارات حاصل هئا. پارٽيءَ ۾ هر طرح جا ماڻهو شامل هئا جو عوام جا معاشي مساعل حل ڪيا وڃن. ڀٽو جي تحريڪ نوجوانن ۾ مقبول هئي زوردار هئي ۽ ڪجهه تمام گهڻي هئي (پُر امن) نه هئي. ان جي ڪري جلدي ان جو وزن محسوس ڪيو ويو ۽ ايوب خان 13 نومبر 1968 ۾ ڀٽو کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو تاهم پي ڊي ايم (PDM) جي زير قيادت تحريڪ زور وٺندي وئي ۽ بلاخر ايوب خان کي جهڪڻو پيو. ايوب خان هنگامي حالات کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سياسي قيدين کي جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب به شامل هيو ان سڀنن کي رحا (ڇڏي) ڪيو ويو.

 

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here