Crackdown of agencies against Teachers on having links with banned organizations

Intelligence agencies have decided to crackdown on revealing contacts of teachers with banned organization. Intelligence agencies have started operation against those who have religious minded on the disclosure of students and teachers who have strong network with banned organizations across the province. According to the details, strong connections of banned organizations have disclosed in Public and private educational institutions across the province. They are helping them in financial assistance and other important issues. Intelligence agencies have decided that teachers and students of public and private educational institutional data should be collected and action should be taken against representatives of banned organizations and workers. Intelligence agencies have started operation against those who have strong connection with banned organization. Intelligence agencies have also prepared a list of religious minded teachers who are involved in the brain washing of the students after that the operation against teachers and students will be activated soon.


ڪالعدم تنظيمن سان رابطي تي حساس ادارن جو استادن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو 

لاھور: يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ استادن جوڪالعدم تنظيمن ڏانھن رابطي جي انڪشاف تي حساس ادارن ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آھي. سموري صوبي ۾ موجود يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ استادن ۽ شاگردن جو ڪالعدم تنظيمن جي نيٽورڪ ۽ سھولت ڪارن جي انڪشاف تي حساس ادارن مذھبي رجحان رکڻ وارن جي خلاف ڪاروائيءَ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آھي.
تفصيلات جي مطابق سموري صوبي جي تعليمي سرڪاري ۽ پرائيويٽ ادارن جوڪالعدم تنظيمن سان رابطي جو انڪشاف ٿيو آھي، جيڪو انھن جي مالي ۽ ٻين مسئلن ۾ انھن جي مدد ڪري رھيا آھن جنھن سبب حساس ادارن فيصلو ورتو آھي ته درس و تدريس سان وابسته سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ استادن ۽ شاگردن جي بابت معلومات گڏ ڪئي ويندي ۽ اتي موجود ڪالعدم تنظيمن جي نمائندن ۽ ڪارڪنن جي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. سڄي پنجاب ۾ واقع جامعات ۽ انسٽيٽيوٽ ۾ ڪالعدم تنظيمن جي سرگرم نيٽ ورڪ جي انڪشاف تي ان نيٽورڪ جا ڪيترائي ماڻھو ڪالعدم تنظيمن جا سھولتڪار آھن جنھن کان پوءِ حساس ادارن ڪاروائيءَ جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي. حساس ادارن شاگردن جو ذھن تبديل ڪرڻ ۾ استادن جي ملوث ھئڻ جي متعلق تشويش شروع ڪندي، مذھبي رجحان ڏانھن حامل استادن جي  فھرست جي تياريءَ جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي. جنھن کان پوءِ استادن ۽ شاگردن جي خلاف ڪاروائي به جلد عمل ۾ آندي ويندي.