هِي ڪهڙي تنهنجي مڙسي آ،
توکي سنڌ کان پياري ڪرسي آ،

جن هر ويلي هن سُور ڏنا،
جن ماري سڀ منصور ڏنا،
اڄ تن سان ڀاڪر پائين ٿو،
قاتل سان گڏ تون کائين ٿو.

تو ”سنڌـ راڻيءَ“ جو خون وڪيو،
تو ڀاءُ وڪيو تو ڀيڻ وڪي،
تو ڌرتي پنهنجي ماءُ وڪي.

او واپاري او واپاري…..
او زرداري…. او زرداري……..

هِي ڪهڙي تنهنجي مڙسي آ