Karachi Administrator celebrating holidays

Citizens are exhausted from the heat during Ramadan and the death toll has reached up to 1000. The Administrator is on a private visit abroad without appointing Deputy Administrator. The administrator Saqib Soomro is on the Germany’s private visit and his staff even do not know anything about his absence. Apart from him, other directors of KMC have also gone on holidays while it is an emergency in the city due to heat intensity. People come to the KMC offices for the solution but no one in the offices to help them. They demanded the government that they make sure the presence of emergency personnel in order to resolve problems. Taking notice of the reports aired in the media, Chief Minister has given additional charge of Karachi Administrator to the Commissioner Karachi Shoaib Siddiqui.


ڪراچي ايڊمنسٽريٽر موڪلن جو مزو وٺي رهيو آهي


شهري رمضان جي مهيني ۾ سخت گرمي ۾ بي حال آهن ۽ موت جو انگ 1000 تائين پهچي ويو آهي ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بغير ڪنهن کي نائب مقرر ڪرڻ جي ذاتي دوري تي ٻاهرين ملڪ آهي. ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو جرمني جي ذاتي دوري تي آهي ۽ ان جي عملي کي به ان جي غير حاضري جي متعلق ڪا خبر نه آهي. هن کان علاوه ٻيا ڪي ايم سي جا ڪيترائي ڊائريڪٽر به موڪلن تي هليا ويا آهن جڏهن ته شهر ۾ گرمي جي شدت سبب هنگامي صورتحال آهي. شهري مسئلن جي حل لاءِ ڪي ايم سي جي آفيسن ڏانهن ايندا آهن پر هتي ڪير به انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ نه آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي طور تي عملي جي موجودگي کي يقيني ٺاهيو وڃي ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. ميڊيا تي نشر ٿيڻ واري خبر جو نوٽس وٺندي وزير اعلي سنڌ ڪمشنر ڪراچي شعيب صديقي کي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جو وڌيڪ چارج ڏئي ڇڏيو آهي