Kolkata host the world T-20 final 2016  

Indian Cricket board has announced the names of cities for T-20 World cup next year while all matches of the tournament will be played in eight grounds. According to Indian media, all matches of world T-20 will be played across various venues in India while tournament will be played from March 11 to April 3. All matches of the tournament will be played in Bangalore, Chennai, Dharamshala, Mohali, Nagpur, Mumbai and Delhi while Kolkata’s Eden Garden ground will host the world T-20 final. This limited overs cricket began in 2007 while in 2009, National team won the title and last tournament was won by Sri Lanka in Bangladesh.


ڪولڪته ورلڊ ٽي ٽونٽي 2016 جي فائنل جو ميزبان

ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال ٿيڻ واري ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ شهرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ميگا ايونٽ جون سڀ ميچون 8 گرائونڊن ۾ کيڏيا ويندا. ڀارت جي ميڊيا جي مطابق ورلڊ ٽي ٽونٽي جون ميچون ڀارت جي 8 مختف شهرن ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته ايندڙ سال ايونٽ 11 مارچ کان 3 اپريل تائين کيڏيو ويندو. ايونٽ جون سڀ ميچون بنگلور، چنئي، دهرم شالا، موهالي، ناگ پور ۽ دلي ۾ کيڏيا ويندا جڏهن ته ڪولڪته جو ايڊن گارڊن گرائونڊ ميگا ايونٽ جي فائنل جي ميزباني ڪندو. دنيا جي ڪرڪيٽ ۾ محدود اوورن جي ڪرڪيٽ جي شروعات 2007 کان ٿيو جڏهن ته قومي ٽيم 2009 ۾ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو ۽ گذريل سال بنگلاديش ۾ ٿيڻ واري ايونٽ ۾ سريلنڪا فتح پنهنجي نالي ڪئي هئي.