MQM Leader Anwer arrested in London

Muttahida Qaumi Movement’s Leader, Muhammad Anwar has been arrested in London

LONDON: Scotland Yard has arrested MQM’s leader Muhammad Anwer under the money laundering case. According to basic reports received from London, a 64 year old person has been arrested by Scotland Yard for the investigation of money laundering case.

Scotland Yard conducted a raid at Muhammad Anwar’s home as well located at North West London.

According to sources, total 5 person are involved in this case. Two of them have been arrested on December 5, 2013, while 61 year old person was arrested on June 3, 2014. Related to the case, Altaf Hussain was brought to the investigation for three days in last year and has been released on guarantee. MQM’s leader Haider Abbas Rizvi confirmed the arrest of Mohammad Anwar in London.

Mr. Rizvi added that, they have not received any details yet and legal assistance will be provided to Muhammad Anwar. Sources told that Muhammad Anwar hold a key position of financial issues of the MQM.

According to the British Law, money laundering is a big crime and a criminal can lead to the strict imprisonment.


 

ايم ڪيو ايم جو رهنما محمد انور لنڊن مان گرفتار

لنڊن: اسڪاٽ لينڊ يارڊ جو ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي رڪن محمد انور کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو آهي. لنڊن کان موصول ٿيڻ واري شروعاتي اطلاع جي مطابق 64 سالن جي شخص کي اسڪاٽ لينڊ يارڊ تفتيش جي لاءِ طلب ڪيو هيو. اسڪاٽ لينڊ يارڊ نارٿ ويسٽ لنڊن ۾ واقع محمد انور جي گهر جي تلاشي به ورتي وئي. ذرائع جو چوڻ آهي ته هن ڪيس ۾ ڪل پنج ماڻهو ملوث آهن جنهن ۾ ٻه ماڻهو 5 ڊسمبر 2013 تي گرفتار ڪيا ويا هيا جڏهن ته 61 سالن جو شخص سال 3 جون 2014 ۾ گرفتار ڪيو ويو هيو. انهيءَ ڪيس ۾  ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين کان گذريل سال 3 ڏينهن تائين تفتيش ڪئي وئي هئي ۽ هن کي ضمانت تي رها ڪيو ويو آهي. متحده قومي موومنٽ جو رهنما حيدر عباس رضوي گرفتاري جي تصديق ڪئي آهي. ان جو چوڻ آهي ته معاملي جي تفصيلات اڃا تائين موصول نه ٿي آهي ۽ محمد انور کي قانوني معاونت مهيا ڪئي ويندي. ذرائع جي مطابق محمد انور ايم ڪيو ايم جي مالي معاملات ۾ اهم حيثيت رکندو آهي. برطانيا ۾ مني لانڊرنگ هڪ انتهائي سنگين جرم آهي ۽ ان ۾ عمر قيد جي سزا ڏئي سگهجي ٿي.