Pakistan Named for Best Elite Force

Australian website “Business Insider has published the list of the world’s best elite forces. Pakistan Special Services Group (SSG) is in the top of list. According to foreign media reports, Spain is on the second position with Naval Special War Fare Forces, Russia’s Alpha Group is on the third position, France is on the fourth position with National Gandar Mary Group, Israel’s sayerert matkal is on the fifth, Britain’s special Air Services ranks sixth, Britain’s Special Boat Service ranks seventh, US Navy Cell is on eighth and American Marine Burjuman is on the ninth position. The Pak Army’s Special Services Group of Forces, is based on the ratio of successful operations, has given this placed in all over the world’s elite forces of their professional skills, available resources than other developed countries. It should be clear that none of any developing country is included in this list except Pakistan. This special force known by the name of SSG has the potential to perform incredible tasks in hard and tough areas where no one can imagine going. Pakistani Special Forces squad SSG is famous across the world for its professional abilities. During the SSG’s training the most intense phase is the 36-kilometer March and 5 km race in twenty minutes. In recent days, SSG is engaged to fight against the extremist elements in the country.


 

دنيا جي بھترين ايليٽ فورسز جي فھرست شايع، پاڪستان سر فھرست

ڪينبر: آسٽريلوي ويب سائيٽ ”بزنس انسائڊر“ دنيا جي بھترين ايليٽ فورسز جي فھرست شايع ڪري ڇڏي. فھرست ۾ پاڪستان جي اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جي) کي فھرست ۾ رکيو ويو آھي. غير ملڪي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آسٽريلوي ويب سائيٽ جي مطابق ٻئين نمبر تي اسپين جي ”نيول اسپيشل وارفيئر فورس“ آھي. ٽئين نمبر تي روس جو ”الفا گروپ“ آھي. چوٿين نمبر تي فرانس جو ”نيشنل گينڊار ميري گروپ“ آھي. پنجين نمبر تي اسرائيل جو ”سائرت ميڪال“، ڇھين نمبر تي برطانيه جي ”اسپيشل ايئر  سروس“ ستين نمبر تي برطانيا جي ”اسپيشل بوٽ سروس“، اٺين نمبر تي ”آمريڪي نيوي سيل“ ۽ نائين نمبر تي ”آمريڪي ميمبرين، آھي.

سڄي دنيا ۾ ايليٽ فورسز ۾ پاڪ فوج جي اسپيشل سروسز گروپ کي ھي مقام انھن جي بهادريءَ جي صلاحيتن، ٻين ترقي يافته ملڪن جي نسبت ميسر وسائل، ڪامياب آپريشنز جي بنياد تي ڏنو ويو آھي. واضح رھي ته ھِن فھرست ۾ پاڪستان کان علاوه ٻيو ڪو به ترقي پذير ملڪ شامل نه آھي. پاڪستان جي مسلح فوج جو ھي خصوصي دستو موسم جي سختي برداشت ڪرڻ، دشمن جي شديد حملي کي غير مؤثر بنائڻ ۽ مشڪل حالاتن کان نبرڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويندو آھي. ايس ايس جي نالي سان سڃاڻجندڙ ھي خصوصي دستو اھڙن خطرناڪ علائقن ۾ به ناقابل يقين ڪارنامن کي  انجام ڏيڻ جي صلاحيت رکندو آھي  جتي ٻيو ماڻھو وڃڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگھي. پاڪستان فوج جو خصوصي دستو ايس ايس جي پنھنجي صلاحيتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ايس ايس جي، جِي تربيت ۾ سڀ کان سخت مرحلو ٻارھنِ ڪلاڪن ۾ ڇَٽِيھَ ڪلو ميٽر جو مارچ ۽ ويھنِ منٽنِ ۾ پنج ڪلو ميٽر جي ڊوڙ آھي.