Viral Disease took another 153 lives of Children in Sindh
اڄ تنگواڻي، پنوعاقل، ٺل ۽ پير جو ڳوٺ ۾ ارڙي وڌيڪ چئنن ٻارڙن کان حياتي کسي ورتي آهي، جنهن کانپوءِ هيل تائين سنڌ جي مختلف علائقن ۾ فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 153 ويو آهي، سنڌ حڪومت پاران ڪي به جوڳا قدم نه کڻڻ سبب روزانو ڪيترائي معصوم ٻارڙا ڏانئڻ ارڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن. تنگواڻي جي ڳوٺ رسول آباد ۾ ٽن ورهين جي نينگري شمائله ڌي سانوڻ ملڪ ارڙي وگهي فوت ٿي وئي آهي. پير جو ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ گاگڙي ۾ هڪ سال جو غلام مصطفيٰ سولنگي ارڙي وگهي فوت ٿي ويو آهي. ٺل ويجهو ڳوٺ نهال بهراڻي ۾ ٻن ورهين جو گل محمد پٽ بچل بهراڻي ۽ پنو عاقل ويجهوڳوٺ بخشو سيلرو ۾ 4 ورهين جي آصفه ڌي عبداللطيف سيلرو ارڙي وگهي فوت ٿي وئي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هيل تائين فوتي ٻارڙن جو انگ وڌيڪ 153ٿي ويو آهي. ڪنڌڪوٽ، ٺٽي، بدين صالح پٽ پير جو ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سوين ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا آهن، پر صحت کاتي ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. ارڙي ۾ مبتلا ٻاڙن جي وارثن جو چوڻ آهي اسپتالن ۾ سهولتون نه هئڻ سبب سندن ٻارن جو حياتيون داءُ تي لڳل آهن.