Pakistani leg spinner Yasir Shah has made another record against Sri Lanka in test match in Pallekele. He has become the most wicket taker leg spinner in first ten matches. Clarrie Grimmett had this honor before Yasir Shah and he had made this record to take 57 wicket in 10 matches while Yasir Shah took 59 wickets so far in 10 matches. Yasir Shah started his career in October last year and this series against Sri Lanka brings success for him. He also became the most wicket taker bowler as a leg spinner on Sri Lankan Grounds. In addition to Yasir Shah, this series was also memorable for wicket keeper Sarfraz Ahmed. He has completed his 1000 runs here at an average of 50 runs.


ياسر شاھ 85 سالن جو ريڪارڊ توڙي ڇڏيو

پاڪستان جو ليگ اسپنر ياسر شاھ پالي ڪيلي ۾ سري لنڪا جي خلاف ٽيسٽ ميچ جي ذريعي هڪ ٻيو ريڪارڊ ٺاهيو آهي، هو ڪيريئر جي شروعاتي ڏهن ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ وارو ليگ اسپنر بڻجي ويو آهي. ياسرشاھ کان پهريون هي اعزاز آسٽريليا جي ڪليري گريمنٽ وٽ هيو. هن ڏهن ميچن ۾ 57 وڪيٽون وٺي ڪري هي ريڪارڊ قائم ڪيو هيو جڏهن ته ياسر شاھ ڏهن ميچن ۾ اڃا تائين 59 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون آهن. ياسر شاھ گذريل سال آڪٽوبر ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هيو. سريلنڪا جي خلاف سيريز ان جي لاءِ ڪاميابيون کڻي آئي ۽ هو سريلنڪن گرائونڊن تي ليگ اسپنر جي حثيت سان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ وارو بولر بڻجي ويو. ياسر شاھ کان علاوه هي سيريز وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين سرفراز احمد جي لاءِ به يادگار ثابت ٿي. هتي هن پنجاھ رنسن جي اوسط سان پنهنجيون هڪ هزار رنسون مڪمل ڪيون.