Facebook introduces revolutionary feature

You don’t need an account in social networking site Facebook to send messages to your friends. The world’s famous social networking site Facebook has decided a major change in its messaging platform Facebook messenger. Now you can use messenger application without having Facebook account. The users will have to register with the help of mobile number on Facebook messenger like WhatsApp. According to the Facebook officials we want to facilitate the people to send best quality messages through messenger so that they can contact their friends with most pleasant and easy way. The administration says that with this new update more and more people may be able to use messenger. Photos, Videos, Group chat, Voice and Video calling, Stickers and other facilities will be available for them. Messenger was basically a part of Facebook’s mobile application however, Facebook had been separated it from its social network last year. This facility was provided in 2012 to sign up without having account in messenger by the Facebook but it was removed soon. However, this feature is being introduced gradually for the people in all over the world. While this service has been introduced for the customers in Canada, America, Peru and Venezuela.


 

فيس بڪ جو هڪ انقلابي فيچر

سماجي رابطي جي ويب سائيٽ فيس بڪ تي موجود پنهنجي دوستن کي پيغامن کي موڪلڻ جي لاءِ توهان کي هن جي اڪائونٽ جي ضرورت نه آهي. دنيا جي مقبول سوشل نيٽ ورڪ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم فيس بڪ ميسينجر ۾ هڪ وڏي تبديلي جو اعلان ڪيو آهي. هاڻي توهان بغير فيس بڪ جي اڪائونٽ جي به ميسينجر اپليڪيشن کي استعمال ڪري سگهو ٿا. صارف کي واٽس ايپ وانگر پنهنجي پاڻ کي فيس بڪ ميسينجر تي موبائيل فون نمبر جي مدد سان رجسٽر ڪرڻو پوندو. فيس بڪ انتظاميا جي مطابق ميسينجر ذريعي اسان ماڻهن کي بهترين پيغام موڪلڻ جي سهولت ڏيڻ چاهيون ٿا ته جيئن ماڻهون پنهنجي دوستن سان وڌيڪ لطف ۽ آسان طريقي سان رابطو ڪري سگهن. انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن نئي اپ ڊيٽ مان گهڻي کان گهڻا ماڻهون ميسينجر کي استعمال ڪري سگهندا ۽ هتي انهن کي تصويرون، ويڊيوز، گروپ چيٽ، وائس ۽ ويديو، ڪالنگ، اسٽيڪرز ۽ ٻيون سهولتون موجود هونديون. ميسينجر بنيادي طور تي فيس بڪ جي موبائيل اپليڪيشن جو حصو هيو پر فيس بڪ گذريل سال هن کي پنهنجي سوشل نيٽ ورڪ کان الگ ڪري ڇڏيو. فيس بڪ جي طرفان ميسينجر ۾ 2012 به بغير اڪائونٽ جي سائن اپ ڪرڻ جي سهولت ڏني وئي هئي پر ان کي جلد ختم ڪيو ويو هيو. هاڻي هي فيچر سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي لاءِ آهسته آهسته متعارف ڪرايو وڃي رهيو آهي جڏهن ته ڪينيڊا، امريڪا، پيرو ۽ وينزويلا جي صارفن جي لاءِ هن کي متعارف ڪرايو وڃي چڪو آهي.