How many people’s phone calls are recorded by ISI?

The trend has gained momentum to tape phone calls from intelligence agencies around the world and each country’s intelligence agency tape the phone calls either domestic or non-domestic. Pakistan’s ISI is also included in these agencies. More than 25,000 phone calls are taped during the last four months. According to the details, the three-member bench of Supreme Court headed by Justice Saqib Nisar on Wednesday hearing the suo moto related to the recording phone calls of several people. During this the court was told that ISI intelligence agency has recorded more than 25 thousand calls during the last four months. However report was presented to the court neither to mention the causes of these calls have been recorded nor it was told that whose phone calls have been recorded. According to sources, Deputy Attorney General Sajid Ilyas Bhatti submitted a report about the telephone calls recorded by intelligence agencies. According to this report, army intelligence agency ISI more than 25 thousand calls recorded from February to May. Deputy Attorney General requested the court, other parts of the report should not be revealed and the court accepted it. The court says that if the intelligence agencies record the calls of different people under the law then its ok, otherwise the court will look this matter of interference of person in the private life. According to the sources, Deputy Attorney General Sajid Ilyas Bhatti told the court that this is sensitive case so the suo moto hearing should be proceed in the chamber. The head of the bench said that he should bring the higher intelligence officers in this case during the hearing and he should describe the reason of hearing in chamber. After this, the decision will be made regarding suo moto hearing that should be in cameras or open court.


 

آئي ايس آئي سڄي ملڪ ۾ ڪيترن ماڻھن جي فون ٽيپ ڪندي آھي؟ تفصيلات سامھون اچي وئي

اسلام آباد: سڄي  دنيا ۾ خفيه ايجنسين جي طرفان فون ڪالز ٽيپ ڪرڻ جو رجحان زور پڪڙي چڪو آھي ۽ ھر ملڪ جي خفيه ايجنسي ملڪي ۽ غير ملڪي فون ڪالز ٽيپ رڪارڊ ڪنديون آھن. انھن ايجنسين ۾ پاڪستان جي آئي ايس آئي به شامل آھي، جنھن گذريل چار مھينن جي دوران 25,000 کان وڌيڪ فون ڪالز ٽيپ ڪيون ويون آھن. تفصيلات جي مطابق جسٽس ثاقب علي نثار جي سربراھيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽَي رُڪني بينچ اربع تي خفيه ادارن جي طرف کان متعدد ماڻھن جي ٽيليفون ٽيپ ڪرڻ جي متعلق ازخود نوٽيس جي سماعت ڪئي جنھن جي دوران سپريم ڪورٽ کي ٻڌايو ويو ته خفيه اداري آئي ايس آئي گذريل چار مھينن جي دوران  25,000  کان وڌيڪ ڪالز ٽيپ ڪيون آھن، جڏھن ته عدالت جي سامھون پيش ڪيل رپورٽ ۾ نه ته ڪالز ٽيپ ڪرڻ جي سبب جو ذڪر آھي ۽ نه ئي اھو ٻڌايو ويو آھي ته ٽيليفون ڪالز ڪھڙن ماڻھن جون رڪارڊ ڪيون ويون آھن. ذريعن جي مطابق ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي خفيه ادارن جي طرف کان ٽيليفون رڪارڊ ڪرڻ جي باري ۾ ھڪ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي جنھن جي مطابق فوج جي خفيه اداري آئي ايس آئي فيبروريءَ کان وٺي مَئي تائين 25,000  کان به وڌيڪ ڪالز ٽيپ ڪيون آھن.  ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کان درخواست ڪئي ته ھِن رپورٽ جي ٻين حصن کي منظر عام تي نه آندؤ وڃي، عدالت اھا درخواست منظور ڪري ورتي. سپريم ڪورٽ ڊپٽي اٽارني جنرل کي اھو به چيو ته حڪومت کان اھو به پُڇي ڪري ٻڌائين ته ملڪ جي خفيه ادارن کي ڪھڙي قانون   جي تحت ماڻھن جون ٽيليفون ٽيپ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آھي؟ عدالت جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن خفيه ادارا ڪنھن قانون جي تحت مختلف ماڻھن جون  ٽيليفون ٽيپ ڪندا آھن ته ٺيڪ آھي نه ته عدالت ان معاملي کي ڪنھن ماڻھوءَ جي نِجي زندگيءَ ۾ مُداخلت جي طور تي ڏسندي. ذريعن جي مطابق ڊپٽي اٽارني جنرل ساجد الياس ڀٽي عدالت کي ٻڌايو، ڇو ته ھي ھڪ حساس معاملو آھي ان ڪري ازخود نوٽس جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪئي ويندي جنھن تي بينچ جي سربراھ جو چوڻ ھو ته آئنده ٻڌڻيءَ ۾ ھو ان معاملي ۾ خفيه ايجنسيءَ جي اعليٰ آفيسر کي پاڻ سان گڏ وٺي اچن ۽ ھو ان مقدمي جي ٻڌڻي چيمبر ۾ ڪرڻ جا سبب ٻڌائين. ان کان پوءِ ئي ازخود نوٽس جي ٻڌڻي ڪيمرا يا کليل عدالت ۾ ڪرڻ جي متعلق فيصلو ڪيو ويندو.