ICC approved the nomination of Zaheer Abbas for the President

The nominated committee of International Cricket Council approved the nomination of former Captain Zaheer Abaas for the new president of ICC. According to the ICC, all members of the committee has approved the name of Zaheer Abbas for the new president of ICC during the annual conference of International Cricket Council after that he will hold the post for one year. However, he will take responsibilities of this post from next month. After the nomination for the presidency of the ICC, Zaheer Abbas said that it is a great honor for me that I have been nominated for the president of the governing body of this game and I am thankful to all who supported me and especially thankful to Pakistan Cricket Board who considered me worthy for this position. Zaheer Abbas said that my all efforts will be that I should work with ICC members to develop the cricket. On this occasion, the ICC chairman Srinivasan congratulated him on the nomination.


ظهير عباس جي آئي سي سي جي صدر جي عهدي تي نامزدگي جي منظوري

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل جي چونڊيل ڪميٽي پراڻي پاڪستاني ڪپتان ظهير عباس کي آئي سي سي جي نئي صدر جي عهدي تي نامزدگي جي منظوري ڏئي ڇڏي. آئي سي سي جي مطابق ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم جي سالياني ڪانفرنس جي دوران سڀ ميمبرن ظهير عباس کي آئندا هڪ سال جي لاءِ آئي سي سي جي صدر لاءِ نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ هو هڪ سال تائين هن عهدي تي قائم رهندو جڏهن ته ايندڙ مهيني هو باقائدگي سان عهدي جو چارج به سنڀاليندو. آئي سي سي جي صدر جي لاءِ نامزدگي کانپوءِ ظهير عباس جو چوڻ هيو ته هي منهنجي لاءِ فخر جي ڳالھ آهي ته مونکي عظيم گيم جو گورننگ باڊي جو صدر چونڊيو ويو آهي ۽ مان انهن سڀني ماڻهن جو شڪر گذار آهيان جنهن مون تي اعتبار ڪندي منهنجي حمايت ڪئي ۽ خاص طور تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو جنهن مونکي هن عهدي جي لاءِ لائق سمجهيو. ظهير عباس جو چوڻ هيو ته منهنجي ڀرپور ڪوشش هوندي ته آئي سي سي جي ميمبرن سان ملي ڪري ڪرڪيٽ جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن موقعي تي آئي سي سي جي چيئرمين سري نواسن ان کي نامزدگي تي مبارڪ پيش ڪئي