Younis Khan become the fifth Pakistani player to complete 100 test matches

National cricket team’s middle order batsmen Younis Khan became the fifth player who completed the century of test matches. The second test match of the series is being played between Pakistan and Sri Lanka in Colombo. Senior Pakistani batsman Younis Khan has completed his career test hundred. Younis Khan is playing 100th test match of his career, he has become the fifth Pakistani player to reach the milestone. Before Younis Khan, Javed Miandad, Waseem Akram, Salim Malik and Inzamam-ul-Haq have the honor to play more than 100 test matches. Pakistan team captain Misbah-ul-Haq and team management presented shield to the star player on the completion of 100 test matches. The players also presented tribute to Younis Khan on this occasion.


يونس خان ٽيسٽ ميچن جي سينچري مڪمل ڪرڻ وارو پاڪستان جو پنجون رانديگر بڻجي ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو مڊل آرڊر بيٽسمين يونس خان ٽيسٽ ميچن جي سينچري مڪمل ڪرڻ وارو پاڪستان جو پنجون رانديگر بڻجي ويو آهي. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيريز جو ٻيون ٽيسٽ اڄ ڪولمبو ۾ کيڏيو وڃي رهيو آهي. سينيئر پاڪستاني بيٽسمين يونس خان ڪيريئر جي 100 ٽيسٽ مڪمل ڪري ڇڏيون. ڪولمبو ۾ يونس خان پنهنجي ڪيريئر جو 100 ٽيسٽ کيڏي رهيو آهي هي سنگ ميل پار ڪرڻ وارو پنجون پاڪستاني رانديگر آهي. يونس خان کان پهريون جاويد ميانداد، وسيم اڪرم، سليم ملڪ ۽ انضمام الحق 100 کان وڌيڪ ٽيسٽ کيڏڻ جو اعزاز رکن ٿا. ڪولمبو ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق ۽ ٽيم مينيجمينٽ اسٽار رانديگر کي 100 ٽيسٽ مڪمل ڪرڻ تي شيلڊ پيش ڪئي. هن موقعي تي رانديگرن به يونس خان کي مبارڪون پيش ڪيون.