بدين /ٽنڊو غلام علي (نمائندن وٽان) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ ضلعي  بدين  جي اڳواڻ نواز لغاري کي گذريل رات ٽنڊو محمد خان کان ڳوٺ گلاب لغاري ويندي نامعلوم هٿياربند اغوا ڪري کڻي ويا،  جسقم آريسر گروپ ضلعي  بدين جي اڳواڻ ذوالفقار  ڀرڳڙي ٻڌايو ته نواز لغاري ٽنڊو محمد خان شادي جي دعوت تي ويو هو، واپس نه موٽيو آهي، هوڏانهن علي نواز لغاري جي پٽ اياز لغاري ٻڌايو ته بابا حيدرآباد وڃي رهيو هو ته ٽنڊو محمد خان روڊ تي هٿياربند زوري بس مان لاهي گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا.