وري هيل نظرون نِماڻيون نشانا!.

وري هيل ڪينجھر تماشو ٿيو آ،
وري هيل ٿينديون مُهاڻيون نشانا!.
وري هيل ”نوبل“ به ڪوڙن قصن جو،
وري هيل سَچيون ڪهاڻيون نشانا!.
وري هيل پاپن جو پاڙو پنڊي ٿي،
وري هيل هِن سنڌ نياڻيون نشانا!.
وري هيل قاتل ڪراچيءَ جا رستا،
وري هيل بستيون اباڻيون نشانا! 
1وري هيل ٿينديون مُهاڻيون نشانا