Marvi Memon appointed as Chairperson of BISP

پ پ پ سينيئر اڳواڻ قمرالزمان ڪائره، فرزانه راجا، ۽ انور بيگ کانپوءِ ماروي ميمڻ کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ان جو چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جيڪي مشڪلاتون موجود آهن انهن کي ختم ڪري ملڪ جي غريب عوام کي رليف پهچايو ويندو، ۽ ان مشن کي نواز ليگ بهتر ڪندي. جڏهن ته وسيله تعليم، وسيله صحت ۽ وسيله حق کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويندو. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ڦيلائڻ منهنجو مشن آهي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن مقرر ٿيڻ بعد عورتن کي پنهنجا حق ڏيارڻ منهنجو مشن آهي هن چيو ته ننڍن، وڏن، نوجوانن، عورتن ۽ ايندڙ نسلن کي فائدو پهچائڻ چاهيان ٿي. ماروي ميمڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن جي عهدي جي اڄ چارج سنڀاليندي.