اتحادي ڌر جي دٻاءَ تي پ پ سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي کي به سنڌين لاءِ نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽ : ذوالفقار واهوچو) : پ پ حڪومت ۾ ڪراچي ۾ قائم ڪيل ٻئي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ به ڪراچي کانسواءِ ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ داخلائن جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پاران پهرين ايم بي بي ايس جي بيچ اعلانيل داخلا پاليسي لاءِ به ڪراچي جو ڊوميسائيل لازمي شرط ڄاڻايو ويو آهي. جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ قائم ڪيل سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ به صرف ڪراچي جي شاگردن کي داخلا ملندي ۽ ٻين ضلعن جا شاگرد داخلائن کان محروم هوندا. يونيورسٽي جي نئين داخلا پاليسي تحت مجموعي طور 350 سيٽن مان 228 ڪراچي، 23 ڪراچي کان سواءِ باقي سنڌ جي سمورن ضلعن لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن، جڏهن ته بنگالي، نيپالي ۽ ٻين پرڏيهي شاگردن لاءِ به سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن کان وڌيڪ مخصوص ٿيل آهن، واضح رهي ته سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پراڻي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ۾ قائم ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ اڳ ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد داخلا وٺي سگهندا هئا پر جنرل مشرف جي دور ۾ ان کي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو حصو قرار ڏئي سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن جي داخلا جا دروازا بند ڪيا ويا هئا. جنهن تي پ پ سميت سمورين سياسي ۽ قوم پرستن ڌرين احتجاج ڪيو هو. پر تازو جڏهن صدر آصف علي زرداري جي حڪم تي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج کي ڌار يونيورستي جو درجو ڏنو ويو ته سنڌ واسين ۾ اميد پيدا ٿي ته ان يونيورسٽي پراڻي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج واري داخلا پاليسي برقرار رکي ويندي.

 پر اهو اتحادي جماعت جي دٻاءَ سبب اعلانيل داخلا پاليسي ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا پاليسي جاري ڪئي وڃي. جنهن سنڌ جي ٻين ضلعن جي شاگردن لاءِ داخلا جا دروازا بند ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر چيو آهي ته تعليمي ادارا سڀني لاءِ کليل هجڻ گهرجن. سڄي دنيا جي تعليمي ادارن ۾ ٻار پڙهڻ لاءِ ويندا آهن. ڪراچي ۾ ٺٽي وارو وارو نامنظور نه هلندو. هن چيو ته گاڏي گپ ۾ ڦاٿل آهي ان کي ڪڍڻ لاءِ اسان 350 ڪارڪن قتل ڪرايا آهن. حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قرباني ڏني آهي. هن چيو ته پ پ جي اها پاليسي ناهي اسان ان پاليسي جي خلاف آهيون پر ڪجهه مجبوريون آهن. جنهن جي ڪري صبر ڪرڻو پوي ٿو. مسلم ليگ ق سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ وڏي وزير جي رليف کاتي بابت صلاحڪار حليم عادل شيخ، سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا پاليسي ۾ ڪراچي جو ڊوميسائيل لازمي واري شرط کي سنڌين سان ڏاڍ قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان عمل سان نفرت پکڙبي. جيڪي ڌريون ان عمل جي پٺيان آهن انهن جي نندا ٿا ڪريون. اسان ان معاملي تي وڏي وزير سان ڳالهائينداسين. اهو هرگز قبول نه ڪيو ويندو. ڪراچي سنڌ جي گادي جو شهر آهي. پهريان سنڌين جو حق آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومري چيو ته پ پ حڪومت ايم ڪيو ايم اڳيان سڀ ڪجهه ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي عوام جي ڏنل مينڊيٽ جي پ پ توهين ڪري رهي آهي. سنڌ واسين کي اهو فيصلو قبول ناهي. سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا پاليسي تبديل ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪريون ٿا. ڀرپور احتجاج ڪنداسين. سنڌ نيشنل موومينٽ جي سربراهه علي حسن چانڊيي چيو ته پ پ مفاهمت جي نالي تي وسيلا تعليمي ادارا، روزگار ۽ سڀ ڌارين حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌين لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي داخلا پاليسي اسان کي هرگز قبول ناهي. پ پ حڪومت کي سنڌين ووٽ ڏنو آهي. ان ووٽ جي پ پ کي لڄ رکڻ گهرجي.