Sindh College of Arts and Design Innaugurated in Sukkur

سکر ويجهو روهڙي بائي پاس تي قائد عوام يونيورسٽي، سنڌ ڪاليج آرٽس اينڊ ڊيزائن جو افتتاح سيد خورشيد احمد شاهه اپوزييشن ليڊر قومي اسيمبلي ۽ تعليم جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي ڪيو. سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته پ پ پ حڪومت نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ هميشه ڪوششون ڪيون آهن ۽ هميشه ڪوششون ڪندو رهندو. هن ڪاليج جي ٺهڻ سان هتي سنڌ واسين نوجوانن کي روزگار جا نوان موقعا ملندا، تعليم واري وزير نثار کهڙي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه صاحب جي ڪوششن سبب هي ادارو هتي ٺهي سگهيو آهي. هن اداري لاءِ پهريائين 4 ڪروڙ ۽ هينئر سنڌ حڪومت مان وري 6 ڪروڙ منظور ٿي چڪا آهن. هي ڪاليج انشاءَالله ٻن سالن اندر مڪمل ٿي ويندو. هتان جا نوجوان سکيا وٺي سگهندا هن ڪاليج جا شاگرد ملڪي توڙي غير ملڪي نوجوانن سان پنهنجي مهارت جا مقابلا ڪري سنڌ جو نالو روشن ڪندا هي ڪاليج ڄامشوري ۽ لاهور کان پوءِ 3 نمبر تي وڏو آهي. ۽ اتي موجود ايم پي اي سردار محمد بخش خان مهر، اسلام شيخ ايم اين اي، اويس قادر شاهه ايم پي اي، آئي بي اي ڪاليج جي نثار احمد صديقي، ڊاڪٽر ڪريم بلوچ وائيس چانسلر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ۽ پڻ سيد خورشيد احمد شاهه کي تعليم لاءِ جاکوڙڻ تي سر سيد احمد خان جو لقب ڏيندي چيو ته پروجيڪٽن کي آخر تائين پهچائين ٿا جنهن جو مثال آي بي اي سکر آهي آئي بي اي سکر ڪاليج جو شاگرد انتهائي هوشيار ۽ ڊگري وٺڻ بعد ڪڏهن به فارغ نٿو ويهي. سنڌ جا شاگرد پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.