Zimbabwe defeated India in T-20

Zimbabwe won second T-20 match by 10 runs in home series against former world champion India. Zimbabwe made 145 runs for the loss of 7 wickets in twenty overs in Harare sports club on Sunday, Chamu Chibhabha scored 67 runs in the match and it is the best sore in his career. India made fast runs in response but lost speed after losing three wickets in nine balls. India scored 135 runs for the loss of 9 wickets in 20 overs due to good fielding of Zimbabwe. Zimbabwean Graham Creamer took 3 wickets for 18 runs in his four overs.

انڊيا کي زمبابوي ٽي ٽونٽي ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

زمبابوي سابق عالمي چيمپيئن انڊيا جي خلاف هوم سيريز ۾ ٻئين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ مهمان ٽيم کي ڏھن رنسن تان هرائي ڇڏيو. آچر جو هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ شامو شيبابا جي ڪيريئر جي بيسٽ 67 رنسن جي بدولت ميزبان ٽيم ويهن اوورن ۾ 7 رينديگرن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ هنڌستان جي ٽيم تيز رفتار سان رنسون ٺاهڻ شروع ڪيون پر نون بالن تي ٽن وڪيٽن جي ڪرڻ کانپوءِ انهن جي رفتار گهٽ ٿي وئي. زمبابوي جي بهترين فيلڊنگ جي سامهون مهمان ٽيم مقرر اوورن ۾ نون وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهي سگهيا. زمبابوي جي گراهم ڪريمر ٽي اهم وڪيٽون وٺي ڪري چار اوورن ۾ صرف 18 رنسون ڏنيون